سپريم ڪورٽ جو فيصلو ڪرپشن ختم ڪرڻ ۾ اهم ثابت ٿيندو: بلاول ڀٽو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي هيمشه پارليامينٽ، جمهوريت ۽ ادارن جي حمايت ڪئي آهي، پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو ڪرپشن ختم ڪرڻ ۾ اهم ثابت ٿيندو، پيپلز پارٽي هر ڪنهن جي احتساب جو مطالبو ڪري ٿي، هن چيو ته اهو فيصلو ملڪ جي فائدي ۾ ويندو، پيپلز پارٽي پاناما جي معاملي کي کنيو هيو، اسان هر صورتحال لاءِ تيار آهيون، شهيد محترمه بينظير ڀٽو چيو هيو ته نواز شريف هڪ ڏينهن روئندو، سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا، سپريم ڪورٽ جو فيصلو ڪنهن جو ذاتي ناهي، ملڪ جي فائدي ۾ آهي، پيپلز پارٽي چاهي ٿي اسيمبليون پنهنجي مدت پوري ڪن، پاناما معاملي تي اسان جي حڪمت عملي ڪجهه مختلف هئي، اڳوڻي وزيراعظم پارليامينٽ کي اهميت نه ڏني، پيپلز پارٽي هڪ نظرياتي پارٽي آهي، هڪ نظريي تي هلندي آهي، اي سي ايل جو قانون سڀني تي لاڳو ٿيڻ گهرجي، سياسي جماعتن کي گهرجي 62 ۽ 63 جي حوالي سان فيصلا قبول ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *