سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو وقفي چيف جسٽس راڻا ڀڳوانداس ديهانت ڪري ويو، صدر، وزير اعظم ۽ ٻين پاران ڏک جو اظهار

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو وقتي چيف جسٽس جسٽس  ۽ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو اڳوڻو چيئرمين  راڻا ڀڳوان داس ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ ديهانت ڪري ويو، صدر، وزير اعظم، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻين اڳواڻن جسٽس رٽائرڊ راڻا ڀڳوان داس جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. رٽائرڊ جسٽس راڻا ڀڳوان داس  کي دل جي تڪليف سبب ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ داخل هو، جتي هن اڄ  73 ورهين جي ڄمار ۾ دم ڏنو.راڻا ڀڳوان داس کي ڪجهه  عرصي کي دل جي تڪليف هئي، جنهن سبب کيس نجي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو  هو. قمبر شهداد ڪوٽ ضلعي جي شهر نصير آباد سان تعلق رکندڙ راڻا ڀڳوان داس 20 ڊسمبر 1942  تي پيدا ٿيو ۽ هن  1967 ۾ لاڙڪاڻي ۾  وڪالت جي شروعات ڪئي. هو 1994 ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جسٽس ۽ 2000 ۾ سپريم ڪورٽ جو جسٽس بڻيو. راڻا ڀڳوان داس سپريم ڪورٽ جو وقتي چيف جسٽس، اليڪشن ڪميشن جو وقتي سربراهه ۽ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين به رهيو. فخرالدين جي ابراهيم جي استعفيٰ بعد خالي ٿيل  چيف اليڪشن ڪمشنر جي عهدي لاءِ وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر راڻا ڀڳوانداس جي نالي تي اتفاق ڪيو پر هن عهدو سنڀالڻ کان معذرت ڪئي. راڻا ڀڳوان داس  کي ٻن پٽن ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي، سندس ٻئي پٽ آمريڪا ۾ رهائش پذير آهن پر اهي پي ءِ جي بيماري سبب ڪراچي ۾ ترسيل آهن. راڻا ڀڳوان داس جو اگني سنسڪار  اڄ شام ڪراچي جي  گوليمار  واري علائقي ۾ ڪيو ويندو. جسٽس راڻا ڀڳوان دا س جي لاڏاڻي تي پاڪستان هندو ڪائونسل پاران 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جسٽس راڻا ڀڳوان داس جي لاڏاڻي تي صدر ممنون حسين، وزير اعظم نواز شريف، چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا خان، عمران خان، شهباز شريف، پرويز خٽڪ ۽ ٻين اڳواڻن ڏک جو اظهار ڪيو آهي. پي سي او تحت حلف کڻڻ کان انڪار ڪرڻ تي ٻين ججز سان گڏ راڻا ڀڳوان داس کي به  گهر ۾ نظر بند ڪيو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *