سپريم ڪورٽ ثابت ڪري ڇڏيو ته انصاف جا ڏيئا اڃا ناهن اجهاميا: طاهر القادري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ ماڊل ٽائون سانحي ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ سپريم ڪورٽ ٻاهريان صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر طاهر القادري جو چوڻ هو ته اعليٰ عدالت ثابت ڪري ڇڏيو ته انصاف جا ڏيئا اڃا ناهن اجهاميا، سپريم ڪورٽ اڄ انصاف جو مان مٿانهون ڪري ڇڏيو آهي ۽ مظلومن جي داد رسي ڪئي آهي. هن چيو ته ماڊل ٽائون سانحي جي جاچ لاءِ پنجاب حڪومت نئين جي آءِ ٽي جوڙڻ جو يقين ڏياريو آهي ۽ ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب چيو ته جي آءِ ٽي ٺهڻ گهرجي. طاهر القادري چيو ته اعليٰ عدليا پاران پاڪستاني حڪومت لاءِ هدايتون جاري ٿي ويون آهن، عدليا جي فيصلي سان پنجاب حڪومت نئين جي آءِ ٽي ٺاهڻ جي مخالفت ناهي ڪئي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *