سپريم ڪورٽ بني گالا ۾ قبضن ۽ وڻن جي واڍي بابت عمران جي خط جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، رپورٽ طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): چيف جسٽس آف پاڪستان، جسٽس ثاقب نثار بني گالا ۾ قبضن ۽ وڻن جي ڪٽائي بابت عمران خان جي خط جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، چيف جسٽس سي ڊي اي کي نوٽيس جاري ڪندي 10 ڏينهن اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي، چيف جسٽس آف پاڪستان، جسٽس ثاقب نثار پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي بني گالا ۾ غير قانوني اڏاوتن ۽ وڻن جي ڪٽائي جي حوالي سان خط جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي، چيف جسٽس سي ڊي اي اختيارين کي نوٽيس جاري ڪندي 10 ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.، پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيف جسٽس کي خط لکي بني گالا ۾ ٿيندڙ اڏاوتن توڙي وڻن جي واڍي تي ڌيان ڇڪايو هو، عمران خان پنهنجي خط ۾ چيو هو ته بني گالا جي پارڪ ۽ باغ تي به اڏاوتون ڪيون پيون وڃن ۽ بنا نقشن جي وڏا وڏا پلازه تعمير ڪري ڇڏيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *