سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کان مڪاني چونڊن جو شيڊيول اڄ تائين طلب ڪري ورتو

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کان مڪاني چونڊن جو شيڊيول اڄ تائين طلب ڪري ورتو، جسٽس جواد ايس خواجه چيو آهي ته گهڻي مذاق ٿي وئي، 17 سالن کان ڪنٽومينٽ بورڊز ۾ چونڊون ناهن ٿيون، وزيراعظم کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو ويندو، طاقت جو سرچشمو عوام آهي پر اهو ذليل ۽ خوار ٿي رهيو آهي، حڪومتون چاهن ٿيون ته عوام وڃي کڏ ۾ پوي. سپريم ڪورٽ ۾ مڪاني چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس جواد ايس خواجه جي سربراهي  3 رڪني بئنچ ڪئي، اٽارني جنرل، صوبن جا نمائندا ۽ اليڪشن ڪميشن جا عملدار پيش ٿيا. عدالت اليڪشن ڪميشن کان مڪاني چونڊن جو شيڊيول اڄ تائين طلب ڪري ورتو. عدالت ڪنٽومينٽ بورڊز ۾ مڪاني چونڊون نه ڪرائڻ بابت وزيراعظم خلاف توهين عدالت جي درخواست تي به اٽارني جنرل کان اڄ جواب طلب ڪري ورتو. جسٽس جواد ايس خواجه ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته اٽارني جنرل ڇا پيو چوي کين سمجهه ۾ نه ٿو اچي، گهڻي مذاق ٿي وئي، جڏهن وزيراعظم خلاف توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو ويندو ته پوءِ هو جواب ڏئي. جسٽس جواد چيو ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي پر اهو سرچشمو ذليل ۽ خوار ٿي رهيو آهي، حڪومتون چاهن ٿيون ته عوام وڃي کڏ ۾ پوي. هن چيو ته بلدياتي چونڊن لاءِ تاريخون ڏئي ٿڪجي پيا آهيون، عدالت کي عمل به ڪرائڻ اچي ٿو، جيڪڏهن هينئر مڪاني چونڊون نه ٿيون ته ايندڙ 10 سالن ۾ به نه ٿينديون. جسٽس جواد چيو ته مڪاني چونڊون نه ٿيڻ سبب توهين عدالت جي درخواست ٻڌڻي هيٺ آهي، اهو توهين عدالت جو معاملو آهي، مڪاني چونڊون آئيني گهرج آهي پر اليڪشن ڪميشن 9 سالن کان پنهنجو فرض پورو ناهي ڪيو. عدالت بعد ۾ اليڪشن ڪميشن کان مڪاني چونڊن بابت شيڊيول لاءِ اڄ جواب ڪري ورتو، جڏهن ته وزيراعظم خلاف توهين عدالت جي درخواست به اٽارني جنرل کان سڀاڻي جواب طلب ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *