سپريم ڪورٽ، ماحولياتي گدلاڻ ڪيس ۾ سنڌ حڪومت جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) سـُپريم ڪورٽ، ماحولياتي گدلاڻ ڪيس ۾ سنڌ حڪومت جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي آهي، عدالت ريمارڪس ۾ چيو آهي ته جهڙي طرح سنڌ سرڪار غير فعال آهي، ان مان لڳي پيو ته صوبي ۾ ماحولياتي ٽربيونل ۾ڪڏهن فعال نه ٿيندو. چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ ماحولياتي گدلاڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران ڊي جي انوائرمينٽل سنڌ عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي، جنهن کي عدالت رد ڪندي 6 هفتن اندر ٻيهر رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سيمينٽ جي ڪارخانن جي ڪري زمين جو رنگ تبديل ٿئي پيو، سنڌحڪومت جا آفيسر ڪڏهن سپر هاءِ وي تي ويا آهن.؟ جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ڏنا ته سنڌ انوائرمينٽل جو ڊي جي پيش ٿيو آهي پر کيس ڪا خبر ئي ناهي ته ماحولياتي ٽربيونل ۾ ڪيترا ڪيس داخل آهن. جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ڏنا ته لڳي رهيو آهي ته سنڌ سرڪار جيان صوبائي ماحولياتي ٽربيونل به فعال نه ٿيندو. عدالت، سنڌ حڪومت کي ايندڙ ٻڌڻي تي تفصيلي رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *