سٺيون فلمون ۽ سٺا ڪردار ڪرڻ چاهيان ٿي، چاهيان ٿي ته مونکي اداڪارا طور چيلينج ڪيو وڃي: ولوشا ڊي سوزا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان سان گڏ فلم”فين“ ذريعي فلمي ڪيريئر سروع ڪندڙ اداڪارا ولوشا ڊي سوزا چيو آهي ته هوءَ چاهي ٿي ته کيس هڪ اداڪارا طور چيلينج ڪيو وڃي، هوءَ ايندڙ فلم بهتر اسڪرپٽ ۽ سٺو ڪردار هجڻ جي بنياد تي ڪندي، هڪ انٽرويو ۾ ولوشا چيو ته مان سٺيون فلمون ۽ س|ا ڪردار ڪرڻ چاهيان ٿي، تنهن ڪري جيڪڏهن منهنجي خيال مطابق اهڙي ڪنهن فلم جي آڇ ٿي ته اها ضرور ڪنديس، ريمپ تي واڪ ڪري ماڊل طور پاڻ مڃرائڻ کانپوءِ ولوشا فين ذريعي فلمي دنيا ۾ قدم رکيو آهي، 31 ورهين جي ولوشا جو چوڻ هو ته کيس ڪيترين ئي شين جي آڇ ٿي آهي، جيڪي جوش ڏياريندڙ آهن پر انهن سڀني ڳالهين کي اڃا تالو آهي، تنهن ڪري مان ڪي به تفصيل ٻڌائي نه ٿي سگهان.001

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *