سي پي اين اي پاران سڀني ڌرين سان گڏجي ميڊيا ٽربيونلن خلاف جدوجهد جو اعلان

ڪراچي (پ ر ) ڪائونسل آف پاڪستان نيوزپيپرايڊيٽرز (سي پي اين اي) اسٽينڊنگ ڪاميٽي اتفاق راءِ سان ميڊيا ٽربيونلن کي مڪمل طور رد ڪندي چيو آهي ته حڪومت آمراڻن قدمن ۽ ڪارا قانون بنائڻ کان پاسو ڪري نه ته صحافي برادري انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿي ويندي ۽ ان جي نتيجن جي ذميواري حڪومت تي هوندي. هن حوالي سان سڀني ڌرين سان ترت رابطا ڪري ايندڙ قدمن جو اعلان ڪيو ويندو، جنهن بابت تفصيل جمع ڏينهن جاري ڪيا ويندا. ان موقعي تي سي پي اين اي پاران ڪرايل مذاڪري ۾ ملڪ جي مختلف علائقن کان آيل سينئر ايڊيٽرن ۽ سياسي جماعتن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقع تي سي پي اين اي جي صدر عارف نظامي خطاب ڪندي چيو ته صحافين وڏي جدوجهد ۽ قربانين کانپوءِ آزادي حاصل ڪئي، ان ڪري صحافت جي آزادي لاءِ جدوجهد جاري رهندي. هن جو چوڻ هو ته جنهن حسين صبح جو خواب اسان ڏٺو هو، اها هي ناهي، اسان کي اميد هئي ته سياسي عمل تحت آيل وزير اعظم صحافت جي آزاديءَ لاءِ ڪم ڪلندو پر افسوس ائين نه ٿيو ۽ صحافت جي آزادي خلاف ڪم ڪيا پيا وڃن، جيڪي اسان کي قبول ناهن. عارف نظامي وڌيڪ چيو ته هو سڀني ڌرين خاص ڪري اي پي اين ايس، پي بي اي، پي ايف يو جي ۽ ٻين سان رابطا ڪري گڏيل لائحه عمل لاءِ جوڙيندا ته جيئن صحافت جي آزادي خلاف ٿيندڙ ڪم کي روڪي سگهجي. صوبائي وزير ۽ پي پي پي اڳواڻ سيده شهلا رضا پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسانجو پارٽي چيئرمين اڳ ئي انهن ٽربيونلز کي رد ڪري چڪو آهي ۽ پي پي هر ڏکئي وقت ۾ صحافين سان گڏ بيٺل هوندي. هن چيو ته وزير اعظم کي ياد ڏيارڻ جي ضرورت آهي ته اهي ٽربيونل صحافت جي آزاديءَ جي خلاف آهن ڇو ته ان کي هر ڳالهه دير سان سمجهه ۾ ايندي آهي. پي ٽي آئي جي سنڌ اسيمبلي ميمبر جمال صديقي جو چوڻ هو ته اسان صحافت جي آزادي تي يقين رکون ٿا، ان لاءِ ڪو غلط قدم نه کنيو ويندو پر ڪٿي ڪٿي قانون ۽ ضابطا ضروري هجن ٿا. هن چيو ته جيڪڏهن سي پي اين اي کي ڪي اعتراض آهن ته اهي تجويزون ڏين ته جيئن ان کي ٺيڪ ڪري سگهجي. مسلم ليگ نواز سنڌ جي صدر شاه محمد شاه چيو ته هي حڪومت سڀني آمريتن کي مات ڏيئي چڪي آهي ۽ هنن سويلين مارشل لاء مڙهي ڇڏي آهي، جنهن سان ادارا تباه ٿي ويندا. هن حڪومت کي روڪڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته سياسي ڪارڪن جي حيثيت ۾ هن صحافين سان گڏ جدوجهد ڪئي ۽ جيل به ڏٺا ۽ هو هاڻي به جدوجهد لاءِ تيار آهن. هن جو چوڻ هو ته ميڊيا ٽربيونل واري مت ڀيدي قانون جو رستو پارليامينٽ سميت هر هنڌ روڪيو ويندو. ان موقعي تي سي پي اين اي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر جبار خٽڪ چيو ته سي پي اين اي سڀني ڌرين کي ساڻ ڪري مت ڀيد واري قانون ۽ غير جمهوري قدمن خلاف ڀرپور جدوجهد ڪندي جيڪا ٽربيونلن جي خاتمي تائين جاري رهندي. هن وڌيڪ چيو ته صحافت جي آزادي ۽ اظهار جي آزاديءَ تان هٿ نٿو کڻي سگهجي ۽ پارليامينٽ ۾ موجود عوامي نمائندن کي به گهرجي ته اهي اهڙن امتيازي قانونن جي رستا روڪ ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *