سي پيڪ ۾ توانائي جي ضرورتن جي پورائي لاءِ ٿر ڪول جو اهم ڪردار هوندو: وڏو وزير

ڪراچي (اين اين آءِ)  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سندس ان ڳالهه تي فخر آهي ته هُو سي پيڪ جي شروعات ٿيڻ کان ئي ان جو حصو آهيان ۽ اڄ ڌڻي سائين جو ٿورائتو آهيان ته مان (وزيرعليٰ) ان عمل ۽ مرحلي ۾ شامل آهيان جنهن تحت ان تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ان ۾ هڪ وڏو ترقياتي پورٽ فوليو توانائيءَ واري شعبي جو آهي جيڪو فنڊ مختص ڪرڻ جي حوالي سان به تمام گهڻو آهي. هن اها ڳالهه هڪ ميڊيا هائوس (ايڪسپريس گروپ) پاران مقامي هوٽل ۾ سي پيڪ بابت منعقد ڪيل سيمينار کي خطاب ڪندي ڪئي. سيمينار کي گورنر سنڌ محمد زبير، ايم اين اي ڊاڪٽر فاروق ستار، چين جي قونصل جنرل، سنڌ ايگرو ڪمپني جي شمس شيخ ۽ ٻين خطاب ڪيو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سي پيڪ جي حوالي سان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم نواز شريف گهڻو ڪم ڪيو آهي ۽ جولاءِ 2013ع ۾ اقتدار ۾ اچڻ جي ٻن مهينن بعد ئي سي پيڪ لاءِ مفاهمتي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويو، انڪري اسان چئي سگهون ٿا ته اسانجي ليڊرشپ جي ڏاهپ، اسانجي سخت محنت ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي چين سان ويجهن لاڳاپن جي بنياد وجهڻ ۽ جنهن کي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداريءَ سي پيڪ جي صورت ۾ ان سلسلي کي اڳتي وڌايو، جيڪو هڪ ميگا پروجيڪٽ ۽ اسان جي معيشت ۽ اسان جي استحڪام لاءِ هڪ گيم چينجر آهي. مراد علي شاهه چيو ته چين جي مستقبل ۽ ايندڙ رٿائن تي نظر آهي ۽ اهي هزار ورهين جي رٿائن تي ڪم ڪندا آهن ۽ انهن جو منصوبو سڃاتو ويندو آهي هڪ بيلٽ ۽ هڪ روڊ، جنهن کي هُو فزيڪلي، واپاري، ثقافتي ۽ ٻين ذريعن سان 64 کان وڌيڪ ملڪن کي هڪٻئي سان ملائيندو آهي. هن چيو ته سي پيڪ صرف هڪ چين کان گوادر هڪ روڊ نه آهي بلڪه ان جي ٻين رٿائن جي حوالي سان هڪ خاص اهميت ۽ افاديت آهي ۽ اهو حقيقت ۾ اسان لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو. هن چيو ته سائوٿ ڪوريڊور گائونگ زهئو کان شروع ٿئي ٿو جيڪو ڏکڻ سينٽرل چين جو شهر آهي، اهو روٽ ڪاشغر کي پاڪستان سان ڪنجراب ۾ ملائيندو آهي جڏهن ته سينٽرل ڪوريڊور شهنگرائي کي تاشقند، تهران ۽ بندر امام خميني کي خليج فارس ۾ ملائيندو آهي. ان جي هڪ برانچ يورپ ۾ فرانس تائين ويندي آهي. اتريون ڪوريڊور تيان جن ۽ بيجنگ کان شروع ٿيندو آهي جيڪو ماسڪو مان گذرندو آهي ۽ ان جي يورپي شهرن ۾ برلن ۽ روٽريڊم (هالينڊ) کي ملائيندو آهي. سي پيڪ جي فائدن تي ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته چين جي سامونڊي واپار جو دارومدار ملائيڪا (ملائشيا) جي ننڍڙي سامونڊي چينل تي آهي جيڪو هتي پاڪستان ۾ پورو ٿيندو جتان چين جي واپار لاءِ متبادل زميني روٽ مهيا ٿيندو. هن چيو ته سفري وقت چين (زيان جن صوبي) ۽ مڊل ايسٽ وايه گوادر به گهٽ ٿيندو. سي پيڪ جي مختلف رٿائن لاءِ مختص ڪيل فنڊن تي بريڪ اپ ڏيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته توانائي واري شعبي ۾ 10400 ميگاواٽ لاءِ 15.506 بلين ڊالرز، انرجي ايڪٽوٽي 6645 ميگاواٽ لاءِ 18.287 بلين ڊالرز، روڊن 832 ڪلوميٽرن لاءِ 5.900 بلين ڊالرز، ريل 1736 ڪلو ميٽرن لاءِ 3.690 بلين ڊالرز، گوادر (سامونڊي، هوائي ۽ زميني) لنڪس لاءِ 0.662 بلين ڊالرز، ٽرانسپوٽيشن اورنج لائن لاءِ 1.600 بلين ڊالرز، ڪراس بورڊ آپٽڪ فائبر سسٽم لاءِ 0.044 بلين ڊالرز، ڊي ٽي ايم بي پائيلٽ لاءِ 0.002 بلين ڊالرز مختص ڪيا ويا آهن. اهڙي ريت گڏيل طور تي 45.651 بلين ڊالرز مختص ڪيا ويا آهن. هن چيو ته سي پيڪ جي نون توانائي واريون رٿائون سنڌ ۾ لڳايون ويون آهن، جن ۾ پي ڪيو اي اليڪٽرڪ ڪمپني، ڪول فائرڊ 1320 ميگاواٽ، ايس اِي سي ايم ڪول مائن بلاڪ ٽو ٿرڪول 7.6 ايم ٽي پي اي، ايس ايس آر ايل ٿرڪول بلاڪ-ون، 6.5 ايم پي ٽي اي ۽ سي پي آءِ ايڇ 1320 ميگاواٽ پاور پلانٽ ٿر. 50 ميگاواٽ دائود ونڊ فارم ڀنڀرو، 100 ميگاواٽ يو اي پي جهمپير، 50 ميگاواٽ سنيڪ ونڊ فارم جهمپير، اوريڪل ٿرڪول مائن ۽ 1320 ميگاواٽ وارا پاور پلانٽ شامل آهن. سيد مراد علي شاهه اهو به چيو ته هن ڊسمبر 2016ع دوران چين ۾ جي سي سي واري اجلاس ۾ شرڪت ڪئي هئي، جنهن ۾ هن ڪاميابيءَ سان ٽن اهم رٿائن کي شامل ڪرايو، جن ۾ 2.609 ملين ڊالرز واري رٿا ڪراچي سرڪلر ريلويز، 5000 ملين ڊالرز واري رٿا ڪيٽي بند پاور پارڪ، ٽرانسميشن لائين، روڊ، ريلوي، جيٽي ۽ ڌاٻيجي اڪنامڪ زون جنهن جي فزيبلٽي عمل هيٺ آهي. هن چيو ته انهن رٿائن سان نه رڳو ڪراچي شهر جي صورت تبديل ٿيندي بلڪه سموري سنڌ صوبي ۾ ٽرانسپورٽ جون سهولتون ۽ پاور جنريشن ٿيندي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هُو انهن رٿائن تي عملدرآمد لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سنڌ ان لاءِ پنهنجي ٽرانسميشن ۽ ڊسپيچ ڪمپني قائم ڪئي آهي، جيڪا نوري آباد کان ڪراچيءَ لاءِ ڪي اليڪٽرڪ کي بجلي فراهم ڪندي ۽ اسان جلد ئي ان جو افتتاح ڪنداسين. هن چيو ته سندن قيادت، حڪومت ۽ سنڌ جو عوام سي پيڪ رٿائن کي تمام اهميت ڏئي رهيا آهيون. ان موقعي تي سنڌ جي گورنر محمد زبير به خطاب ڪيو. سنڌ ايگرو مائننگ ڪمپنيءَ جي چيف شمس الدين شيخ شرڪت ڪندڙن کي سي پيڪ جي ٿر وارين رٿائن بابت بريفنگ ڏني. ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي صدر پڻ ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته گوادر جي زمين جتي ڪوبه سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، پر سي پيڪ جي ابتدا سان اتان جي زمين جي قيمتن ۾ يڪدم تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *