سي پيڪ پاڪ- چين جو منصوبو آهي، ٻيا ملڪ ان ۾ ڪهڙن شرطن تي شامل ٿيندا اهو فيصلو بعد ۾ ٿيندو : پرڏيهي صلاحڪار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي صلاحڪار اعزاز چوڌري چيو آهي ته سي پيڪ پاڪستان ۽ چين جو منصوبو آهي، ٻيا ملڪ ان ۾ ڪهڙن شرطن تي شامل ٿيندا اهو فيصلو بعد ۾ ٿيندو. ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي پرڏيهي صلاحڪار چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ حڪومت ۽ عوام هڪ پيج تي آهن جڏهن ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي سڄي دنيا ساراهيو آهي. سي پيڪ منصوبي مان سڄي خطي کي معاشي فائدو ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان ڪڏهن به اڪيلائپ جو شڪار نه رهيو آهي، ڪو به ملڪ يا ٽو لو پاڪستان کي دنيا ۾ اڪيلو نٿو ڪري سگهي. سي پيڪ مان سڄي خطي کي معاشي فائدو حاصل ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *