سي پيڪ رٿا جي مخالفت ڪندڙ پاڻ اڪيلا ٿي ويندا: حڪومت

لاهور (اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته ظالم دنيا ۾ اڪيلو هوندو آهي ۽ ڀارت کي اڪيلائي کان بچڻ لاءِ ڪشميرين تي ظلم ۽ بربيت کي بند ڪرڻو پوندو. بلوچستان مان هڪ به اهڙو آواز نه ٿو اچي جيڪو ڀارتي وزيراعظم کي خوش ڪري سگهي بلوچستان مان پاڪستان زنده آباد جا نعرا لڳندا رهندا، ڀارت جيڪڏهن پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي جي مخالفت ڪندو ته هو دنيا ۾ اڪيلو ٿي ويندو. عمران خان کي سياست جو ٻيڙو ٻوڙڻ ۽ پنهنجي پارٽي کي برباد ڪرڻ جو هنر اچي ٿو ۽ هو صرف انهيءَ ۾ موجود آهي ۽ هو تفريح ڪرڻ لاءِ سڄي ملڪ مان ماڻهن کي رائيونڊِ ۾ گڏ ڪري رهيو آهي پر ان جي ابتڙ وزيراعظم نواز شريف پاڪستان کي کنجراب کان گوادر تائين ملائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن الحمرا هال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن پي ٽي آءِ جي رائيونڊ جي مارچ جي حوالي سان پڇيل سوال تي چيو ته عمران خان کي سياست جو ٻيڙو ٻوڙڻ ۽ پنهنجي جماعت کي برباد ڪرڻ جو هنر اچي ٿو ۽ هو صرف انهيءَ ۾ مصروف آهي ۽ هو ڪنهن ٻي سياسي جماعت ۽ سياسي اڳواڻ ۾ اهو هنر موجود نه آهي تحريڪ انصاف جو 30 سيپٽمبر تي ميلو ٿيندو ۽ آڪٽومبر ۾ ڪجهه به نه هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *