سيڪيولر ڀارت پنهنجي ئي ماڻهن جي خلاف ڪيترن ئي سالن کان فوج کي هٿيار طور استعمال ڪندو پيو اچي: ارونڌتي راءِ

اوٽاوا(ويب ڊيسڪ) عالمي شهرت يافته ليکڪه، صحافڻ ۽ انساني حقن جي ڪارڪن ارونڌتي راءِ موجب سيڪيولر ڀارت پنهنجي ئي ماڻهن جي خلاف ڪيترن ئي سالن کان فوج کي هٿيار طور استعمال ڪندو پيو اچي. ڀارتي ليکڪه ۽ صحافڻ ارونڌتي راءِ انڊيا ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي، هندو انتهاپسندي، والاريل ڪشمير ۾ انسانيت سوز قدمن ۽ اقليتن جي خلاف ٿيندڙ ظلمن تي آواز بلند ڪرڻ جي ڪري دنيا ۾ شهرت رکي ٿي. عالمي سطح تي ڀارتي حڪومت جي پروپيگنڊه ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي جي قدم کي سامهون آڻڻ جي ڪري ارونڌتي راءِ تي حڪومت پابنديون به لاڳو ڪندي رهي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ارونڌتي راءِ ڪينيڊا ۾ هڪ تقريب دوران خطاب ڪندي چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير، مني پور، ناگالينڊ، ميزورام تلنگانه، پنجاب، گوا ۽ حيدرآباد ۾ پنهنجي تحت جنگ جاري رکيل آهي. ايوارڊ يافته ليکڪه جو چوڻ هو ته ڀارت 1947ع کان وٺي والاريل ڪشمير ۾ مسلمانن، تلنگانه ۾ خاص قبائلي ۽ ڪجهه رياستن ۽ علائقن ۾ هيٺين ذات جي هندوئن جي خلاف فوج کي استعمال ڪندو رهيو آهي. ارونڌتي راءِ موجب انگريز سرڪاري کان آزادي ملندي ئي ڀارت پنهنجي ئي ماڻهن جي خلاف طاقت استعمال ڪندي ڪيترن ئي علائقن ۾ ڳري انگ ۾ فوجي مقرر ڪري عوام جي خلاف فوج کي استعمال ڪيو. صحافڻ پاڪستان سان مقابلو ڪندي چيو ته سيڪيولر ڀارت جي ڀيٽ ۾ ان جي پاڙيسري ملڪ پاڪستان ڪٿي به پنهنجي ماتحت علائقن ۾ فوج جي مقرري ناهي ڪئي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان پنهنجي ئي ماڻهن جي خلاف فوج کي استعمال ناهي ڪري رهيو. ارونڌتي راءِ طرفان پاڪستاني فوج ۽ پاڪستان جي حمايت ۾ بيان ڏيڻ کان پوءِ ڀارتين ۽ نالي ماتر انڊين صحافين ۽ سماجي ڪارڪنن کيس تنقيد جو نشانو بڻايو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *