سيڪيورٽي ادارن کي حڪومت ڪيرائڻ ۾ ٻاهرين سازش جا ثبوت نه ملڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني سيڪيورٽي ادارن کي وزيراعظم عمران خان طرفان بي اعتمادي ذريعي ان جي حڪومت ڪيرائڻ ۾ آمريڪي سازش جي الزامن جا ثبوت نه مليا. پاڪستان سيڪيورٽي ايجنسين جي ان حوالي سان ڪئي ويندڙ جاچ جي معاملن کان آگاهه هڪ عهديدار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي برطانوي خابرو اداري کي ٻڌايو ته ملڪي سيڪيورٽي ايجنسين کي وزيراعظم جي الزام جي تصديق جون اعتماد جوڳيون شاهديون ناهن مليون. پاڪستاني عهديدار موجب سيڪيورٽي ايجنسيون وزيراعظم عمران خان جي بيان ڪيل نتيجي تي نه ناهن پهتيون. واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته ان جي حڪومت ختم ڪرائڻ ۾ آمريڪا جو هٿ آهي ۽ ان حوالي سان هو ۽ ڊپٽي اسپيڪر دعويٰ ڪري چڪا آهن ته قومي سلامتي ڪميٽي کانسواءِ آرمي چيف ۽ انٽيليجنس چيف حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش جي تصديق ڪري چڪا آهن. واضح رهي ته 27 مارچ تي اسلام آباد ۾ جلسي سان خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان خط لوڏيندي چيو هو ته ٻاهرئين پئسي سان حڪومت تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسان کي خط لکي ڌمڪي ڏني وئي، مون وٽ خط ۽ ثبوت آهي. قومي اسيمبلي ۾ ڊپٽي اسپيڪر مبينا سازش کي جواز ڄاڻائي حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ رد ڪري ڇڏي هئي، جنهن کانپوءِ سپريم ڪورٽ معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو ۽ عدالت ۾ ٻڌڻي جاري آهي. هوڏانهن آمريڪا طرفان وزيراعظم عمران خان جي اهڙن الزامن جي ترديد ڪئي وئي آهي. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته روس به آمريڪا تي پاڪستان جي سياسي معاملن ۾ مداخلت جو الزام هنيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *