”سيڪرڊ گيمز“ جي نون ڪردارن سان واپسي

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارت جي ڪامياب نيٽ فلڪس سيريز “سيڪرڊ گيمز” پنهنجي نئين سيزن ۽ ڪجهه نون ڪردارن سان واپسي ڪري رهي آهي./ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 42

“نيٽ فلڪس” انڊيا ان ڪامياب سيريز جي نئين سيزن لاءِ ڪاسٽ جي فهرست هڪ ويڊيو ذريعي جاري ڪري ڇڏي. ان ويڊيو ۾ سيف علي خان ۽ نواز الدين صديقي پنهنجن پراڻن ڪردارن ۾ نظر ايندا، جڏهن ته هاڻي ڪالڪي ڪوئلن پڻ سيريز جي نئين سيزن جو حصو بڻجي وئي آهي.ميڊيا رپورٽن موجب ڪالڪي ان سيريز ۾ “بتيا نالي” عورت جو ڪردار نڀائيندي. ان بابت اداڪارا جو چوڻ هو ته آئون ان سيريز جي مداح آهيان ۽ گهڻي خوشي ٿي آهي جو مونکي سيڪرڊ گيمز جو حصو بڻايو ويو، سيزن 2 اڳ کان وڌيڪ متاثر ڪندڙ هوندي ۽ ڏسندڙن کي گھڻي پسند ايندي.سيريز ۾ انوراگ ڪشيپ، نوازالدين صديقي جو حصو ڊائريڪٽ ڪندا، جڏهن ته نيرج گيوان سيف علي خان جي ڪردار جون هدايتون ڏيندا.واضح رهي ته سيڪرڊ گيمز وڪرم چندرا جي ڪتاب کان متاثر ٿي ٺاهي وئي آهي. ان سيريز جو سيزن 2 هلندڙ سال جي آخر ۾ ريليز ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *