سيڪريٽري تعليم طرفان عدالت ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ 6 هزار 866 اسڪولز بند هجڻ جو اعتراف

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صوبي ۾ مفت تعليم ۽ سڌارن بابت درخواست جي ٻڌڻي تي تعليم واري سيڪريٽري پاران رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي ويئي رپورٽ ۾ اعترف ڪيو ويو ته صوبي ۾ 6866 اسڪول بند آهن، اربع تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صوبي ۾ مفت تعليم ۽ سڌارن بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي تعليم واري سيڪريٽري پاران رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي جنهن ۾ اعتراف ڪيو ويو ته صوبي ۾ 6866 اسڪول بند آهن، 7974 اسڪول هلائڻ جي لائق ئي نه آهن ۽ 46549 استادن جون ڪل آساميون خالي آهن صوبي ۾ پرائمري استادن جون 32510 اساميون خالي آهن ۽ جونيئر ايليمنٽري استادن جون 14039 آساميون خالي آهن ڪراچي جي ڇهن ضلعن ۾ 229 اسڪول بند آهن سڀ کان گهڻا ملير ضلعي ۾ 137 اسڪول بند پي اآهن صوبي ۾ ڪئبينيٽ جي منطوري کان پوءِ آن لائين ٽرانسفر پوسٽنگ جي پاليسي متعارف ڪرائي آهي ان لائن ٽرانسفر پوسٽنگ پاليسي سان بند اسڪول کولڻ ۾ مدد فراهم ٿيندي. نون استادن جون ڀرتيون ٿرڊ پارٽي آءِ بي اي جي ذريعي ڪيون وينديون ان حوالي سان استادن جي ڀرتين لاءِ اشتهار ڏياريو ويو آهي نون استادن جي ڀرتين سان بند اسڪول کوليا ويندا استادن جي حاضري لا3 بايو ميٽرڪ سسٽم لڳائي ڇڏيو آهي ته جيئن استادن جي حاضري کي يقيني بڻائي سگهجي عدالت درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي 13 اپريل تائين ملتوي ڪندي حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌني تي ٻڌايو وڃي ته صوبي ۾ ڪيترو سيڪڙو تعليم مفت فراهم ڪئي پئي وڃي استادن جي ڀرتين ۽ بند اسڪول ڪيستائين کوليا ويندا تعليم واري سيڪريٽري  چيو ته چئن مهينن ۾ سموري ڪارروائي مڪمل ڪئي ويندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *