سيڪريٽري اطلاعات سنڌ پاران صحافين جي مالي امداد لاءِ انڊومنٽ فنڊ جي قيام جي لاءِ وڏي وزير کي سمري اُماڻڻ جي هدايت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات کاتي واري سيڪريٽري رشيد احمد سولنگي صحافين جي مالي امداد جي لاءِانڊومنٽ فنڊ جي قيام جي لاءِ وزير اعليٰ سنڌ کي سمري تيار ڪري اُماڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. اها ڳالھ اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري عبدالرشيد سولنگي اڄ ڪراچي پريس ڪلب جي دوري جي موقعي تي اطلاعات کاتي جي وفد جي قيادت ڪندي چئي. ان موقعي تي ڪراچي پريس ڪلب جو صدر فاضل جميلي، جنرل سيڪريٽري رضوان ڀٽي، خزانچي وحيد راڄپر، گورننگ باڊي جو ميمبر رشيد ميمڻ، سينيئر صحافي ذوالفقار واهوچو، صلاح الدين عباسي، فياض قريشي سميت صحافين جو وڏو انگ موجود هو. اطلاعات کاتي جي وفد ۾ ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز غلام ثقلين، ڊائريڪٽر پريس انفارميشن محمد سليم خان، ۽ ڊائريڪٽر ايڊمن اينڊ اڪائونٽس اختر علي سورهيو شامل هئا. ان موقعي تي صحافين جا مسئلا مالي امداد جي لاءِ انڊومنٽ فنڊ قائم ڪرڻ، ميڊيا ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي قيام کان علاوه ٻين معامل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات کاتي واري سيڪريٽري عبدالرشيد سولنگي صحافين جي مسئلن کي حل ڪرڻ جو يقين ڏياريندي ڊائريڪٽر جنرل پبليڪيشن کي هدايت ڏني ته صحافين جي مالي امداد لاءِ انڊومنٽ فنڊ جي قيام جي لاءِ وزير اعليٰ سنڌ جي لاءِ سمري تيار ڪئي وڃي جڏهن هت ميڊيا ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي قيام جي لاءِ پريس ڪلب جي مشوري سان نالا فائنل ڪيا وڃن ته جيئن فوري طور تي ان جو قيام عمل ۾ آڻي سگھجي. رشيد احمد سولنگي وڌيڪ چيو ته اطلاعات کاتي ۾ بهتري ۽ جديد اصلاحن جي لاءِ جلد انفرميشن ڪانفرنس جو انعقاد ڪيو ويندو جنهن ۾ صحافين  ۽ اطلاعات کاتي جي آفيسرن ۽ رٽائرڊ ملازمن جي مشورن سان سفارشون جوڙي اطلاعات کاتي سنڌ کي جديد طرز تي هلايو ويندو. هن چيو ته اطلاعات کاتي ۽ صحافين وچ ۾ رابطن ۾ بهتري ۽ سهڪار سان ڪم کي بهتر انداز سان انجام ڏئي سگھجي ٿو ان کان پوءِ ڪراچي پريس ڪلب جي انتظاميا پاران اطلاعات کاتي جي وفد کي سنڌي ٽوپي اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو ويو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *