سيوهڻ ۽ ٽنڊو آدم لڳ روڊ حادثا، 6 ڄڻا اجل جو شڪار، 14 زخمي

سيوهڻ شريف/ٽنڊو آدم(نمائندن وٽان) ٽنڊو آدم ويجهو مسافر وين ۽ ٽرڪ جي ٽڪر ۾ 5 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. خبر موجب سومر ڏينهن ٽنڊو آدم ويجهو الحاج سليمان روشن اسپتال وٽ منجهند جو 4 وڳي ڌاري حيدرآباد کان سانگهڙ ويندڙ مسافر وين روڊ ٽُٽل هئڻ سبب سامهون ايندڙ ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا ٿڏي تي فوت ۽ 8 سخت زخمي ٿي پيا. جڏهن ته هڪ زخمي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، زخمين کي فوري طور تي وين مان ڪڍي تعلقه اسپتال ٽنڊو آدم ۽ الحاج سليمان روشن اسپتال سميت شهر جي ٻين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. حادثي جو ٻُڌي وڏي انگ ۾ شهري حادثي واري هنڌ ۽ اسپتال پهچي ويا، جڏهن ته فوتين جو انگ وڌڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. فوتين ۾ سانگهڙ جو رهواسي جاويد اڪرم ۽ ٻيا شامل آهن. جڏهن ته زخمين ۾ سانگهڙ جي ڳوٺ الطاف رند جو رهواسي مختيار احمد ولد محمد يوسف، سانگهڙ جو رهواسي عبدالمجيد لنجواڻي ۽ حيدرآباد جو رهواسي رحمت علي جت سميت ٻيا شامل آهن. ٻئي طرف سيوهڻ شريف ڀرسان انڊس هاءِ وي روڊ تي حادثو پيش: تيزرفتار وين ٽائر اچانڪ برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي: نتيجي ۾ 8 ڄڻا شديد زخمي، هڪ ڄڻو فوت: زخمين کي تعلقه اسپتال سيوهڻ پهچايو ويو: خبر موجب سيوهڻ شريف ڀرسان لڪي شاهه صدر لڳ مين انڊس هاءِ وي روڊ تي تيزرفتار وين ٽائر اچانڪ برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا 8 ڄڻا شديد زخمي، 22 سالا ذيشان ولد قادر بخش ڳورڙ واقعي واري هنڌ تي ئي فوت ٿي پيو، آسپاس جي رهواسين سمورن زخمين ۽ فوتي شخص جي لاش کي تعلقه اسپتال سيوهڻ پهچايو جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي، زخمين ۾ سهيل احمد ڳورڙ، اسد ڳورڙ، يار محمد ڳورڙ، سليم ڳورڙ، گلشير ڳورڙ، طارق ڳورڙ، خالد ڳورڙ ۽ مسمات ثنا ڳورڙ سميت ٻار به شامل آهن، زخمين سنڌ پريس ڪلب سيوهڻ جي صحافين کي تفصيل ٻڌائيندي چيو ته هو ڪوٽڙي کان دادو وڃي رهيا هئا ته ساڻن گاڏي سان حادثو پيش آيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *