سينٽر پرويز رشيد ۽ مشاهد الله خان وفاقي وير جو حلف کڻي ورتو

اسلام آباد (بيورو) صدر ممنون حسين آچر ڏينهن هتي ايوان صدر ۾ منعقد هڪ تقريب ۾ سينيٽر پرويز رشيد ۽ سينيٽر مشاهد الله خان کان وفاقي وزيرن جي عهدن جو حلف ورتو. تقريب ۾ وفاقي وزيرن، قومي اسيمبلي ميمبرن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ڪالهه آچر ڏينهن هتي جاري پريس رليز موجب صدر سان حلف وٺندڙ وفاقي وزيرن سينيٽر پرويز رشيد ۽ مشاهد الله خان ملاقات ڪئي. صدر ٻنهي سينيٽرن کي وفاقي وزيرن جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو عوامي ڀلائي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *