سينٽرل جيل ملتان ۾ ٻن ڏوهارين غلام شبير ۽ احمد علي عرف شيش ناگ کي ڦاهي ڏني وئي

ملتان(م.ڊ) سينٽرل جيل ملتان ۾ موت جي سزا مليل ٻن ڏوهارين غلام شبير ۽ احمد علي عرف شيش ناگ کي اعليٰ عدالتن ۽ صدر مملڪت ڏانهن اماڻيل رحم جو اپيلون رد ٿيڻ بعد ڦاهي ڏني وئي . ملتان جي دهشتگردي جي انت واري عدالت نمبر هڪ ڄاڻايل ڏوهارين خلاف ڊيٿ وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا هئا. غلام شبير کي ملتان شهر ۾ 1998ع ۾ ٻن ماڻهن ڊي ايس پي انور خان ۽ غلام مرتضيٰ کي قتل ڪرڻ جي ڏوهه ۾ سزا ملي جڏهن ته احمد علي عرف شيش ناگ کي 7 اپريل 1998ع ۾ ريلوي روڊ ملتان ۾ لوهه جي هڪ دڪان ۾ ٽن ماڻهن کي قتل ۽ ٻن ڄڻن کي زخمي ڪرڻ جي ڏوهه هيٺ موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *