سينيٽ ۾ پرڏيهين (ترميمي) بل 2015 ۽ نيشنل ڊيٽا بيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (ترميمي) بل 2015 منظور

اسلام آباد (بيورو) سينيٽ پرڏيهين (ترميمي) بل 2015 ۽ نيشنل ڊيٽا بيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (ترميمي) بل 2015 جي يڪراءِ سان منظوري ڏيئي ڇڏي آهي جڏهن ته پاڪستان بيت المال (ترميمي) بل 2016 قائمه ڪميٽي کي اماڻيو ويو جمعي تي اجلاس دوران پارليماني معاملن جي مملڪتي وزير ٻئي بل منظوري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيا چيئرمين ايوان مان ٻنهي بلن تي الڳ الڳ شق وار منظوري ورتي سينيٽ يڪراءِ سان ٻنهي بلن جي منظوري ڏيئي ڇڏي اجلاس دوران پاڪستان بيت المال (ترميمي) بل 2016 قائمه ڪميٽي کي اماڻيو ويو مملڪتي وزير شيخ آفتاب احمد تحريڪ پيش ڪئي ته پاڪستان بيت المال ايڪٽ 1991 ۾ وڌيڪ (ترميمي) جو بل پاڪستان بيت المال (ترميمي) بل 2016 قومي اسيمبلي جي منظور ڪيل صورت ۾ غور هيٺ آندو وڃي جنهن جي ايوان منظوري ڏيئي ڇڏي جنهن کان پوءِ هن هي بل ايوان ۾ پيش ڪيو چيئرمين بل لاڳاپيل ڪميٽي کي اماڻي ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *