سينيٽ چيئرمين لاءِ اميدوار جي نالي جو ڪوبه فيصلو ناهي ڪيو ويو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اطلاعات ۽ بلديات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سينيٽ جي چيئرمين جي چونڊن لاءِ پيپلز پارٽي سينيٽ ۾ موجود سمورين سياسي جماعتن سان رابطا ۽ انهن سان ووٽ لاءِ ڳالهائيندي. پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت پاران اڃان تائين سينيٽ چيئرمين لاءِ اميدوار جي نالي جو ڪوبه فيصلو ناهي ڪيو ويو. ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ سازگار ماحول ۾ ڳالهين جو عمل جاري آهي ۽ ان جي سنڌ حڪومت ۾ شموليت جي حوالي سان پارٽي پاران عبدالرحمان ملڪ کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي. عبدالقادر پٽيل کي ڪنهن به ملڪ ۾ سياسي پناهه وٺڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي هو پارٽي جو معتبر ۽ هردل عزيز ڪارڪن آهي ۽ ان تي ڪوبه ڪيس نه آهي. هو جمعي تي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ پاران عوام لاءِ شروع ڪيل شڪايتي سيل جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ ۾ سينيٽ جي چونڊن ۾ ڪنهن قسم جي ڪابه هارس ٽريڊنگ نه ٿي آهي ۽ اهڙي طرح ٻين صوبن ۾ به هارس ٽريڊنگ ناهي ٿي. هن چيو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي واضح اڪثريت آهي ۽ پيپلز پارٽي کي 7 ۽ ايم ڪيو ايم کي 4 سيٽون مليون، جڏهن ته مسلم ليگ فنڪشنل کي 10 ايم پي ايز جي باوجود 13 ووٽ مليا جيڪي يقينن مسلم ليگ ن جي ميمبرن ڏنا هوندا. پيپلز پارٽي کي وڌيڪ 7 ووٽ مان 2 ووٽ اين پي پي جا جڏهن ته ٻين سياسي جماعتن جي ايم پي ايز ڏنا آهن، جن جو ڪوبه اميدوار ميدان ۾ نه هو. چيئرمين سينيٽ جي حوالي سان سوال تي شرجيل ميمڻ چيو ته ان سلسلي ۾ پيپلز پارٽي پوري ڪوشش ڪندي ته چيئرمين سينيٽ پيپلز پارٽي جو هجي ۽ ان لاءِ سينيٽ ۾ موجود سمورين سياسي جماعتن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي ۽ انهن کان ووٽ گهريو ويندو، جڏهن ته هاڻ تائين پارٽي ىاعليٰ قيادت پاران چيئرمين سينيٽ جي اميدوار جي نالي جو ڪوبه اعلان ناهي ڪيو ويو. ايم ڪيو ايم جي سنڌ حڪومت ۾ شموليت جي سوال تي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ايم ڪيو ايم سان اسان جو ڳالهين جو سلسلو سازگار ماحول ۾ جاري آهي ۽ ان سلسلي ۾ پارٽي جي اعليٰ قيادت رحمان ملڪ کي ان جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي. پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر جي ٻي ملڪ ۾ سياسي پناهه حاصل ڪرڻ جي خبرن جي سوال تي هن چيو ته ان قسم جي ڪابه ڳالهه ناهي. قادر پٽيل پارٽي جو معتبر ميمبر آهي ۽ نه ئي ان خلاف ڪي ڪيس آهن ان لاءِ ان جو ڪنهن ٻي ملڪ ۾ سياسي پناهه حاصل ڪرڻ جو ڪوبه جواز نه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *