سينيٽ چونڊون: پ پ حڪومتي پچ تي نه پئي کيڏي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽي سينيٽ چونڊن جي حوالي سان حڪومتي پچ تي نه کيڏي رهي آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي سيد خورشيد شاهه چيو ته عمران خان کي پارليامينٽ ۾ اچڻ گهرجي. هن چيو ته حڪومت چاهي ٿي ته پارليامينٽ جي عزت کي اورانگهيو وڃي. هن چيو ته ٻاويهين ترميم آڻي ثابت ڪيو پيو وڃي ته چونڊيل ميمبر ڪرپٽ ۽ چور آهن. سيد خورشيد شاهه چيو ته مولانا فضل الرحمان ۽ عمران خان جي وچ ۾ سٺا لاڳاپا آهن. هن چيو ته گڏيل مخالف ڌر وٽ ستونجاهه ميمبر آهن. اسان سينيٽ جو چيئرمين پنهنجو آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *