سينيٽ چونڊون: ن ليگ اميدوارن سان رابطي جون ذميواريون راڻا ثناءُ الله کي حوالي

لاهور (م.ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) پنجاب ۾ سنيٽ جي يارنهن سيٽن تي ڪاميابي لاءِ ميمبرن سان رابطن ۽ ٻين معاملن جي سموري ذميواري اڳوڻي قانون واري وزير رانا ثناءُ الله کي ڏئي ڇڏي. اڳوڻي قانون واري وزير جي سربراهي ۾ ڪميٽي به جوڙي وئي جنهن حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ عملي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته سنيٽ جي گذريل چونڊن ۾ به رانا ثناءُ الله خان بهترين حڪمت عملي اختيار ڪئي هئي جنهن سبب اپوزيشن کي ووٽ هئڻ جي باوجود هڪ سيٽ تان شڪست ملي هئي ۽ ق ليگ کان ٽڪيٽ نه ملڻ تي آزاد حيثِيت ۾ وڙهندڙ محسن خان ڪامياب ٿيو هو. انهيءَ کي نظر ۾ رکندي قيادت ايندڙ مهيني ۾ ٿيندڙ سنيٽ جي چونڊن ۾ سموري حڪمت عملي رانا ثناءُ الله کي ڏئي ڇڏي آهي. رانا ثناءُ الله کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهڙي قسم جي حڪمت عملي جوڙي وڃي جنهن تحت پنجاب مان سنيٽ جون يارنهن مان يارنهن سيٽون کٽي سگهجن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *