سينيٽ چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ واري وڊيو ملڪي سياست ۾ ممڻ مچائي ڇڏيو، پرويز خٽڪ ۽ اسد قيصر پاران لاتعلقي ظاهر

اسلام آباد (م.ڊ) سينيٽ چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ واري وڊيو ملڪي سياست ۾ ممڻ مچائي ڇڏيو، وفاقي وزير پرويز خٽڪ ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وڊيو اسڪينڊل کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي، اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته وڊيو اسڪينڊل سان منهنجو ڪوبه واسطو نه آهي، وڊيو ۾ نظر ايندڙ جاءِ پشاور ۾ اسپيڪر جو هائوس آهي، منهنجي باري ۾ بيان معاملي تان ڌيان هٽائڻ جي مڪروهه ڪوشش آهي، وفاقي وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته مون ووٽ وڪرو ڪرڻ لاءِ پئسا وٺڻ جي هدايت نه ڪئي هئي، ڏيتي ليتي دوران به آئون موجود نه هئس، وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته رشوت وٺندڙ ته پڪڙ ۾ اچي ويا، هاڻي ميڊيا تحقيق ڪري ته 2018ع ۾ وڪرو ٿيل ووٽن تي ڪير سينيٽر ٿيو هو، ڇا اُنهن ٻنهي سينيٽرز کي ايوان ۾ رهڻ جو حق آهي، اليڪشن ڪميشن معاملي تي پنهنجي ذميواري پوري ڪري، ذميوارن خلاف آرٽيڪل 63 تحت ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي..

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *