سينيٽ چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ روڪڻ لاءِ پارلياماني پارٽين ۾ اتفاق نه ٿي سگهيو

اسلام آباد(م ڊ)سينيٽ چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ روڪڻ لاءِ پارلياماني پارٽين وچ ۾ اتفاق نه ٿي سگهيو ۽ پيپلز پارٽي، جي يو آءِ ف آئيني ترميم جي مخالفت ڪري ڇڏي وزيراعظم نواز شريف جي سربراهي ۾ پارلياماني پارٽين جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه، اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف، بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه آصف، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار، ايم ڪيو ايم طرفان فاروق ستار، بابر غوري ۽ رشيد گوڊيل شريڪ ٿيا،  جڏهن ته ٻين اڳواڻن ۾ محمود خان اچڪزئي، اعجاز الحق، آفتاب خان شيرپائو، عارف علوي، حاصل بزنجو، اٽارني جنرل، وزيراعظم جي آئيني ۽ قانوني ماهرن ۽ سياسي صلاحڪارن شرڪت ڪئي ذريعن مطابق سينيٽ چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ روڪڻ لاءِ پارلياماني پارٽين جي اجلاس ۾ آئيني ترميم تي غور ڪيو ويو جڏهن ته ان دوران پارلياماني پارٽين ۾ ترميم تي اتفاق نه ٿي سگهيو ذريعن جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي ۽ جي  يو آءِ ف آئيني ترميم جي مخالف ڪندي موقف اختيار ڪيو ته ترميم کي چونڊ سڌارن واري ڪميٽي ۾ پيش ڪيو وڃي جڏهن ته سياسي پارٽيون آئيني ترميم بجاءِ پنهنجي اندر نظر و ضبط پيدا ڪن ۽ ترميم پارٽي مفاد بجاءِ ملڪي مفاد ۾ ڪئي وڃي، ذريعن مطابق حڪومت طرفان سومر تي آئيني ترميم پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ٻين سياسي پارٽين جي حمايت سان ترميم کي پيش ڪيو ويندو. پارلياماني پارٽين جي اجلاس کي خطاب وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ آهي ته پئسا ڏئي ووٽ خريد ڪرڻ مڪروهه عمل آهي ان لاءِ ضمير فروشي جي ڪاروبار کي روڪڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، وزيراعظم هائوس ۾ پارلياماني پارٽين جي ميمبرن جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ هو ته سينيٽ چونڊن کان اڳ هارس ٽريڊنگ خلاف آواز اٿاري رهيا آهن ان لاءِ سڀني کي گڏجي سينيٽ جو تقدس برقرار رکڻو پوندو ۽ ضمير فروشي جي ڪاروباري کي روڪڻو پوندو هن چيو ته پئسا ڏئي ايوان ۾ اچڻ انتهائي ڏکوئيندڙ آهي سينيٽ چونڊن ۾ شفافيت جو چونڊ سڌارن سان گهرو تعلق آهي ۽ هر پارٽي جي ذميواري بڻجي ٿي ته مڪروهه فعل روڪڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪ

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *