سينيٽ چونڊن کي صاف ۽ شفاف بڻائڻ حڪومت جي وڏي ڪاميابي هوندي: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف سان مسلم ليگ نون خيبرپختونخواهه جي چونڊيل نمائندن ملاقات ڪري سينيٽ چونڊن سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن، وزيراعظم چيو آهي ته سينيٽ اليڪشن کي شفاف بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، آئيني ترميم آڻڻ لا سياسي پارٽين سان مشاورت ڪئي پئي وڃي. اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف سان خيبر پختونخواهه جي ايم اين اي ۽ ايم پي ايز ملاقات ڪئي، جنهن دوران سينيٽ چونڊن سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ڪندڙن ۾ خيبرپختونخواهه جو گورنر سردار مهتاب عباسي، قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي، ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر، ايم پي اي عبدالستار، ارباب اختر حيات، محمد راشد خان، محمد شيراز، ولي محمد زالده ۽ ٻيا شريڪ هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته سينيٽ  چونڊن کي صاف ۽ شفاف بڻائڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. وزيراعظم نواز شريف چيو ته سينيٽ چونڊن دوران هارس ٽريڊنگ روڪڻ ۽ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ سمورين سياسي پارٽين سان رابطا جاري آهن، هارس ٽريڊنگ واري معاملي تي آئيني ترميم آڻڻ لاءِ مشاورت به جاري آهي. وزيراعظم چيو ته سينيٽ چونڊن کي صاف ۽ شفاف بڻائڻ حڪومت جي وڏي ڪاميابي هوندي. وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته حڪومت لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، توانائي بحران جي خاتمي لاءِ مختلف منصوبن تي ڪم هلي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *