سينيٽ چونڊن لاءِ منڊيون لڳي ويون، سڀ نه پر کوڙ ميمبرز وڪامجي ويندا آهن: عمران خان

غازي بروٿا (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو اهي ته 30 سالن تائين ملڪ تي حڪومت ڪندر ڦورن پئسا چوري ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪ جي اخلاقيات به تباهه ڪري ڇڏي اسحقاق ڊار نوازشريف ۽ ان جا ٻار سڀ کان مهانگي گاڏي رولس رائز گاڏين ۾ سفر ڪن ٿا ائين لڳي ٿو ته هي گوالمنڊي ۾ نه پر برطانيا جي وڏن وڏن محلن ۾ ڄاوا هئا. لڳي ٿو ته اسحاق ڊار جي پيءُ جي سائيڪل جي نه پر مي فيئر ۾ رولس رائز جي دڪان هئي. هي پئسو ڪيڏانهن آيو سينيٽ اليڪشن ۾ سياستدانن کي خريد ڪرڻ لاءِ پڙي لڳل آهي پهريان ته سڀ چوندا هئا ته اوپن بيلٽ ٿيڻ گهرجي ته پوءِ تبديلي ڪٿان آئي آهي اپوزيشن اسان کي ڪيرائڻ ۾ هرهنڌ ناڪام رهي سينيٽ چونڊن ۾ به شڪست ٿيندي انشاءالله فتح پاڪستان جي ٿيندي اسلام آباد سميت چئن علائقن ۾ ٽيڪنالوجي زون ٺاهي رهيا آهيون ان ۾ ڪامره کي به شامل ڪري وٺنداسين ايندڙ دور مڪمل طور تي ٽيڪنالوجي جو هوندو پاڪستان موسمياتي تبديلي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر 10 ملڪن ۾ شامل آهي اسان کي پنهنجي ملڪ ۾ گرم ٿيندڙ موسمن جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ هر شئي ڪرڻ گهرجي جمعي تي غازي بروٿا ۾ بهار جي مند ۽ وڻڪاري مهم جي حُالي سان تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هي وڻ اوهان جي مستقبل لاءِ ايترو ضروري آهي جو اوهان کي اندازو نه آهي هن چيو ته هي ان لاءِ ضروري آهي ته پاڪستان بدقسمتي سان موسم جي تبديلي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ 10 ملڪن ۾ شامل آهي ۽ گرين هائوس گئس جي اثرن جي ڪري دنيا ۾ موسم گرم ٿي رهيو آهي هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي کان سب کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي تنهنڪري اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته اسان کي پنهنجي ملڪ ۾ گرم ٿيندڙ موسم جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ هر شئي ڪرڻ گهرجي ۽ ان جو هڪ ئي طريقو آهي ته پاڪستان ۾ 10 ارب ٻوٽا لڳائڻ جو پروگرام آهي ان کي سڀ ڪامياب ڪيون وزيراعظم چيو ته هن علائقي ۾ 10 لک ٻوٽا لڳندا ته مان اوهان کان واعدو وٺندس ته اوهان کي انهن وڻن جي حفاظت ڪرڻي اهي ۽ اسان اوهان کي راند جا ميدان ٺاهي ڏينداسين عمران خان چيو ته وڻ اسان جي مستقبل لاءِ ضروري آهن ۽ راندين جا ميدان اسان جي نوجوانن جي صهت لاءِ ضروري آهن. افسوس نه اسان هن ملڪ ۾ وڻ رکيا، 70 سالن ۾ اسان جيڪو انگريز ٻيلا ڇڏي ويو هو اهي به ختم ڪري ڇڏيا هن چيو ته لاهور ۾ گذريل 20 سالن ۾ 70 سيڪڙو وڻ وڍي ڇڏيا آهن ان نتيجو اهو آهي جو لاهور ۾ گدلاڻ پوڙهي ۽ ٻارڙن جي صحت لاءِ خطرناڪ آهي ۽ جيستائين اسان هڪ قوم جي حيثيت سان هي فيصلو نه ڪنداسين ته اسان پنهنجي تقدير کي تبديل ڪرڻو آهي ان وقت تائين خطرو وڌندو ويندو وزيراعظم چيو ته هتي وڻ به لڳندا ۽ اسان اوهان لاءِ 10 ڪرڪيٽ گرائونڊ به ٺاهينداسين جيڪڏهن اسان اهو ڏٺو ته اوهان وڻن جي حفاظت نه پيا ڪرو ته اوهان هڪ هڪ ڪرڪيٽ گرائونڊ گهٽ ٿيڻ شروع ٿي ويندو هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي هر گهراڻي وٽ هڪ هيلٿ انشورنس آهي جنهن سان هو ڪنهن به اسپتال ۾ وڃي علاج ڪرائي سگهي ٿو ۽ مون فخر آهي ته اهو پهريون صوبو آهي جنهن اهو ڪم ڪيو آهي ڇو ته اسان کان ڪيترن ئي امير ملڪن ۾ هي سهولت مهيسر نه آهي هن چيو ته يونيورسل هيلٿ ڪوريج پنجاب ۾ شروع ٿي چڪي آهي هن سال جي آخر تائين هيلٿ انشورنس سڄي پنجاب جو احاطي ڪري وٺندي هن چيو ته اسان اسلام آباد سميت چئن علائقن ۾ ٽيڪنالوجي زون ٺاهي رهيا آهيون ان کي ڪامره کي به شامل ڪري وٺنداسين ڇو ته ايندر دور مڪمل طور تي ٽيڪنالوجي هو هوندو اسان ٽيڪنالوجي جي پهرين لهر مان فائدو ناهي ورتو پر اسان جي پوري ڪوشش آهي ته انفارميشن ٽيڪنالوجي جو پورو فائدو وٺون ۽ نئين ٽيڪنالوجي ۾ پاڪستان پوري طرح شرڪت ڪري سگهي هن چيو ته هي اسان جي پاليسي آهي جنهن علائقي ۾ ڪم ٿئي ان جي ماڻهن کي نوڪريون ملڻ گهرجن ۽ جنهن به علائقي مان گئس يا تيل نڪري ٿو ته سڀ کان پهريون حق انهيءَ جو هوندو آهي وزيراعظم چيو ته 30 سال هن ملڪ تي جن ڌاڙيلن، ڦورن حڪومت ڪئي انهن رڳو پئسو چوري ناهي ڪيو ان سان گڏوگڏ اسان جي ملڪ جي اخلاقيات به تباهه ڪري ڇڏي آهي ۽ ملڪ ۾ اهڙو ماحول پيدا ڪيو جو ڪرپشن ڪائي خراب شئي نه آهي هن شئي هن ملڪ کي ڪرپسن کان وڌيڪ نقصان پهچايو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *