سينيٽ چونڊن دوران پئسن جي سياست دفن ٿي وئي آهي: سراج الحق

پشاور (بيورو) جماعت اسلامي جي سربراهه سراج الحق چيو آهي ته سينيٽ چونڊن دوران پئسن جي سياست دفن ٿي وئي آهي، عوام جي اعتماد ڪرڻ تي سندن ٿورائتو آهيان. پشاور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي سربراهه سراج الحق چيو ته سينيٽ چونڊن دوران پئسن جي سياست هميشه لاءِ دفن ٿي وئي آهي. هن چيو ته جماعت اسلامي جا سينيٽر مٿئين ايوان ۾ مظلوم ۽ مسڪين عوام جو آواز اٿاريندا، عوامي اعتماد تي هو سندن ٿورائتو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ جماعت  اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته پاڪ-چين اقتصادي راهداري جو روٽ تبديل ڪري منصوبي کي تڪراري بڻايو پيو وڃي، حڪومت اهڙي قدمن کان پاسو ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *