سينيٽ پي آءِ اي کي پبلڪ لميٽيڊ ڪمپني ۾ تبديل ڪرڻ جو بل رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (اين اين آءِ) سينيٽ پاڪستان انٽرنيشنلا يئرلائيز ڪارپوريشن کي پبلڪ لميٽيڊ ڪمپني ۾ تبديل ڪرڻ جو بل پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائيز ڪارپوريشن (تبديلي) بل 2015 رد ڪري ڇڏيو جمعي تي اجلاس دوران وفاقي وزير زاهد حامد تحريڪ پيش ڪئي ته پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز ڪارپوريشن بل 2015 کي قومي اسيمبلي جي منظور ڪيل صورت ۾ غور هيٺ آندو وڃي جڏهن ته ايوان جي ميمبرن جي اڪثريت تحريڪ جي مخالفت ڪئي ڊپٽي چيئرمين مولانا عبدالغفور حيدري ميمبرن کان تحريڪ جي حق يا مخالفت ۾ جدا جدا راءِ ورتي ته ميمبرن جي اڪثريت ۽ تحريڪ ۽ بل کي رد ڪرڻ جي حق ۾ راءِ ڏني جنهن کان پوءِ رد ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *