سينيٽ وفاق جي اڪائين جي حقن جي محافظ آهي: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سينيٽ کي پاڪستان جي پارليامينٽ جي ضروري حصو قرار ڏيندي چيو آهي ته قانونسازي ۾ سينيٽ جو ڪردار تعريف جوڳو آهي، سينيٽ جي 45 هين يوم تاسيس جي موقعي تي وزيراعظم پنهنجي پيغام ۾ سڄي پاڪستان جي عوام کي دلي مبارڪ ڏني، هن چيو ته پاڪستان وفاقي رياست هجڻ جي ناتي هن وقت وڌيڪ ترقي ڪندو، جڏهن ان جي وفاقي جي سطح تي نمائندگي ۾ بهتري ايندي، هن چيو ته وفاق جي ايوان ۾ نمائندگي وڌيڪ ٿي آهي جتي سمورن انگن جي لحاظ کان برابر نمائندگي آهي، اهڙي طرح انهن مفادن ۽ حقن جو وڌيڪ تحفظ ٿيو آهي، اميد آهي ته سينٽ آف پاڪستان وفاق جي حقيقي روح موجب وفاق جي حقن جي تحفظ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو سلسلو جاري رکندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *