سينيٽ اليڪشن: جي يو آءِ (ف) جي 3 ميمبرن جو ن ليگ کي ووٽ نه ڏيڻ جو انڪشاف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي چيئرمين چونڊن ۾ مسلم ليگ ن جي اتحادي پارٽي جميعت علماءِ اسلام (ف) جي 3 ميمبرن جو ووٽ نه ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. سينيٽ چيئرمين جي چونڊ ۾ حڪمران پارٽي مسلم ليگ ن جي اميدوار راجا ظفر الحق 46 ووٽ حاصل ڪيا هئا جڏهن ته سندس مقابلي ۾ صادق سنجراڻي 57 ووٽ کڻي سينيٽ جو چيئرمين چونڊجي ويو هو.، مسلم ليگ سينيٽ ۾ گهربل ووٽ نه ملڻ جي جاچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ هاڻ جاچ ۾ حيران ڪندڙ انڪشاف ٿيا آهن. ذريعن موجب ن ليگ کي امڪاني انگن کان 7 ووٽ گهٽ مليا جڏهن ته پارٽي جي اميدوارن کي ووٽ نه ڏيڻ وارن ۾ ن ليگ جي سينيٽر ڪلثوم پروين ۽ فاٽا مان مرزا آفريدي شامل آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته اتحادي پارٽي جميعت علماءِ اسلام (ف) جي 3 ميمبرن جو به ن ليگ کي ووٽ نه ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ذريعن ٻڌايو ته ن ليگ جي جاچ موجب جي يو آءِ (ف) جي سينيٽر طلحه محمود، مولانا عطا الرحمان ۽ مولوي فيض محمد به حڪومتي اميدوارن کي ووٽ نه ڏنا جنهن جي ڪري جي يو آءِ ف کي سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين شپ نه ملڻ جا خدشا هئا، راجا ظفر الحق کي رڳو مولانا عبدالغفور حيدري ووٽ ڏنا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *