سيف سان شادي لاءِ اهو شرط رکيو هيو ته مونکي ڪم کان نه روڪيندو: ڪرينه ڪپور

ممبئي: بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپور چيو آهي ته هن سيف علي خان سان شادي لاءِ رڳو هڪ شرط رکيو هو ته هوءَ سڄي عمر ڪم ڪندي ۽ پئسا ڪمائيندي، جڏهن ته سيف ان معاملي ۾ سندس حمايت ۽ مدد ڪندو، پنهنجي ايندڙ فلم ڪي اينڊ ڪا جي مشهوري تقريب دوران ڳالهائيندي ڪرينا ڪپور چيو ته عورت کي امڙ ڌرتي ۽ مدر ميري چيو وڃي ٿو، عورت ۾ وڏي طاقت آهي، انهن ۾ واڌو قوت هجي ٿي ۽ اهي گهڻ رخيون ٿي سگهن ٿيون، هن چيو ته مان اڄ هڪ زال آهيان ۽ مان سڄي عمر ڪم ڪنديس، پئسو ڪمائينديس ۽ منهنجو مڙس منهنجي حمايت ڪندو، اهو اڪيلو شرط هو، جنهن جي بنياد تي مان سيف علي خان سان شادي ڪئي،فلم ڪي اينڊ ڪا ۾ ڪرينا جو هيرو ارجن ڪپور آهي، جيڪو اهڙو مرد آهي، جيڪو گهر ۾ رڌپچاءَ سوڌو پنهنجي زال وارا سڀ ڪم ڪري ٿو، جڏهن ته فلم ۾ کيس منگل سوتر به پهريل هجي ٿو، جيڪو ڀارت ۾ پرڻيل عورتون پائينديون آهن، ان حوالي سان سوال جي جواب ۾ 35 ورهين جي ڪرينا ڪپور چيو ته اهڙو منظر توهان ڪڏهن به نه ڏٺو هوندو، مان سمجهان ٿي ته اهو بهترين خيال آهي، منگل سوتر ۾ ارجن تمام گهڻو سهڻو ۽ ڪشش وارو لڳي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *