سيالڪوٽ ۾ مشتعل هجوم سريلنڪا واسي مينيجر کي ماري باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو، 50 ڄڻا گرفتار

سيالڪوٽ(م.ڊ) سيالڪوٽ ۾ فيڪٽري مزدورن تي مشتمل هجوم ايڪسپورٽ مينيجر طور ڪم ڪندڙ سري لنڪا واسي همراهه کي تشدد ڪري مارڻ بعد باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو، صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ وڏي انگ ۾ پوليس نفري موڪلي وئي آهي. سيالڪوٽ جي ضلعي پوليس آفيسر  عمر ملڪ موجب مقتول جي سڃاڻپ پريانٿا ڪمار طور ٿي آهي، جيڪو سري لنڪا جو شهري هو. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار واقعي کي انتهائي ڏکوئيندڙ قرار ڏيندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، ٻئي طرف لاهور: پنجاب حڪومت جي ترجمان حسن خاور چيو آهي ته سيالڪوٽ واقعي ۾ ملوث 50 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. وزيراعظم جي خاص نمائندي طاهر اشرفي، حسن خاور ۽ انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) پنجاب پوليس گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي، ترجمان جو چوڻ هو ته سريلنڪن فيڪٽري مئنيجر سان واقعو افسوسناڪ هو، سي سي ٽي وي جي مدد سان جوابدارن جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي.هن چيو ته 50 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، 48 ڪلاڪن ۾ جاچ مڪمل ڪئي ويندي، جيڪڏهن پوليس جي غفلت ثابت ٿي ته ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. حسن خاور چيو ته 15 تي ڪال ۽ پوليس جي جواب ۾ 20 منٽن جو فرق هوندو آهي، اسان کي ڏسڻو آهي ته ان وقت پوليس پارٽي ڪٿي هئي، ڪنهن کي به رعايت نه ڏينداسين، وزيراعظم عمران خان جي بين المذاهب هم آهنگي بابت خاص نمائندي طاهر اشرفي چيو آهي ته ظلم، ڏاڍ ۽ بربريت آهي، ڏوهارين کي سزا ملندي، اهڙن ماڻهن اسلام جي تعليمات کي مسخ ڪيو، ان واقعي تي مسلمان شرمسار آهن

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *