سيالڪوٽ سانحي ڪنڌ شرم وچان جهڪائي ڇڏيو، جوابدارن کي سخت سزا يقيني بڻائي وڃي: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ/م.ڊ) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ۾ سريلنڪن شهري جي قتل جهڙي ظالماڻي فعل تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ملڪ جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال تي جائزي لاءِ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پڻ شرڪت ڪئي. اسلام آباد ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ وفاقي وزيرن فواد چوڌري، شيخ رشيد، صلاحڪار معيد يوسف، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ اعليٰ عسڪري ۽ سول اختياريون به شريڪ ٿيون. اجلاس ۾ سيالڪوٽ جي فيڪٽري ۾ سريلنڪن مئنيجر جي قتل جهڙي ظالماڻي فعل تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو. پڌرائيءَ موجب اجلاس ۾ جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن موقف اختيار ڪيو ته ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، اهڙن واقعن کي برداشت نٿو ڪري سگهجي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ هڪ گڏيل حڪمت عملي تي عمل ڪيو ويندو، سڀني جوابدارن کيس سخت سزائون ڏنيون وينديون. اجلاس ۾ سريلنڪن مئنيجر کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندڙ ملڪ عدنان جي بهادري جي به تعريف ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته ملڪ عدنان سريلنڪن شهري کي بچائڻ لاءِ پنهنجي زندگي خطري ۾ وڌي. پڌرائيءَ موجب اجلاس ۾ سريلنڪن شهري جي وارثن سان تعزيت جو اظهار به ڪيو ويو. وزيراعطم عمران خان هدايت ڪئي ته سيالڪوٽ سانحي اسان جو ڪنڌ شرم وچان هيٺ ڪري ڇڏيو آهي. مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *