سياسي ۽ عسڪري قيادت پاران دهشتگردن خلاف بنا فرق آپريشن جاري رکڻ تي اتفاق

پشاور/اسلام آباد (م.ڊ/بيورو) وزيراعظم نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف دهشتگردن خلاف بنا فرق آپريشن جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. جڏهن ته سڀاڻي سڄي ملڪ ۾ سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي. وزيراعظم نواز شريف سوئٽزر لينڊ مان آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان فون تي رابطو ڪري چارسده حملي کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. فون تي رابطي دوران وزيراعظم ۽ آرمي چيف اتفاق ڪيو ته دهشتگردن خلاف بنا فرق آپريشن جاري رکيو ويندو. هنن چيو ته دهشتگرديءَ جي واقعي قوم جي عزم کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم نواز شريف چارسده حملي کانپوءِ وقت تي ڪارروائي ڪرڻ تي سيڪيورٽي اهلڪارن جي واکاڻ ڪئي. ٻئي طرف وزيراعظم نواز شريف باچا خان يونيورسٽي تي حملي ۾ ملوث دهشتگردن جي سرپرستن ۽ مالي مدد ڪندڙن جو پتو لڳائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته قوم جو قربانيون رائيگان نه وينديون، دهشتگردن کي انجام تائين پهچايو ويندو. وزيراعظم نواز شريف سيڪيورٽي ادارن کي چارسده سانحي ۾ ملوث دهشتگردن جي سرپرستن ۽ مالي مددگارن جو پتو لڳائڻ جون هدايتون ڪيون آهن. هڪ بيان ۾ وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ آهي ته معصوم ماڻهن تي حملا ڪندڙ دهشتگردن جو ڪوبه مذهب ناهي. هن چيو ته هنن دهشتگردن کي ملڪ مان ختم ڪرڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم نواز شريف سڪيورٽي فورسز کي هدايت ڪئي ته باچا خان يونيورسٽي تي حملو ڪندڙ دهشتگردن کي فوري طور ختم ڪيو وڃي. هن چيو ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پنهنجي هم وطنن جون قربانيون ضايع ٿيڻ نه ڏنيون وينديون، ملڪ مان دهشتگرديءَ جي پاڙ پٽي ويندي. سندس چوڻ آهي ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ قوم حڪومت سان گڏ آهي. وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ آهي ته سوڳ دوران قومي جهنڊو جهڪيل رکيو ويندو. ٻئي طرف آئي ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته باچا خان يونيورسٽي تي حملي آورن بابت بريڪ ٿرو ٿي ويو آهي، خبر پئجي وئي آهي ته دهشتگردن کي ڪنهن موڪليو هو. هوڏانهن چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف اربع ڏينهن باچا خان يونيورسٽي جو دورو ڪيو ۽ آپريشن ۾ حصووٺندڙ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ فوجين سان ملاقات ڪئي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري کاتي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوه جي هڪ ٽوئيٽ پيغام مطابق آرمي چيف حملي ۾ انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ سيڪيورٽي فورسز جي بر وقت ڪارروائي تي انهن جي واکاڻ ڪئي. آرمي چيف چارسده اسپتال جو به دورو ڪيو ۽ سمورن زخمين جي خيريت معلوم ڪئي.جرل راحيل شريف چيو ته اسان ان حملي ۾ شهيد ٿيلن جي ڪٽنبن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *