سياسي ۽ عسڪري قيادت دهشتگردن خلاف اثرائتي ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو

راولپندي(م.ڊ) حڪومت ۽ فوج، دهشتگردن خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ آهي ته سمورن دهشتگردن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ دهشتگردن خلاف آخري حد تائين وڃبو. وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ جــِي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ سوا چار ڪلاڪ اعليٰ سطحي اجلاس جاري رهيو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ ٻين اعليٰ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊي جــِي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر ملڪي سلامتي سميت دهشتگردن جي مڪمل خاتمي لاءِ اثرائتي حڪمت عملي بابت بريفنگ ڏني. اجلاس دوران وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ هو ته سمورن دهشتگردن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ دهشتگردن خلاف آخري حد تائين وڃبو. نواز شريف چيو ته آپريشن ضرب عضب ۾ پاڪ فوج کي مليل ڪاميابيون حوصلو ڏياريندڙ آهن ۽ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *