سياسي ۽ عسڪري قيادت جو پنجاب ۾ دهشتگردن خلاف سخت آپريشن جو فيصلو

راولپنڊي(م.ڊ) سياسي ۽ عسڪري قيادت پنجاب ۾ دهشتگردن خلاف سخت آپريشن ۽ اتي ”را“ جو نيٽ ورڪ ٽوڙڻ لاءِ ڪارروائين جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن وفاقي گھرو وزير چوڌري نثار علي خان ۽ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف پاڪ فوج جي سربراهه آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان ملاقات ڪئي. پاڪ فوج جي سُڌ سماءُ واري شعبي آءِ ايس پي آر جي پڌرائي موجب آرمي چيف، گھرو وزير ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي ملاقات ۾ پنهجاب ۾ آپريشن بابت ڳالهيون ڪيون ويون. نجي ٽي وي چينل سماء نيوز موجب آءِ ايس پي آر پاران ڄاڻايو ويو آهي ته ملاقات ۾ پنجاب م سخت آپريشن ڪري دهشتگردن جا سمورا نيٽورڪ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان کان سواءِ صوبي ۾ ”را“ جي نيٽ ورڪ کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان به ڳالهه ٻول ڪئي وئي ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويوته ڪارروائيون ڪري ”را“ نيٽ ورڪ کي ختم ڪيو ويندو. هوڏانهن ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار به آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان ملاقات ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ دفاعي بجيٽ تي ڳالهه ٻول ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *