سياسي ۽ عسڪري قيادت جو هنگامي اجلاس، زلزلي متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون تيز ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد (بيورو) وزير اعظم نواز شريف زلزلي متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏيندي، متاثرن جي بحالي لاءِ هر ممڪن وسيلا استعمال ڪيا ويندا، جڏهن ته هو متاثر علائقن جو پاڻ دورو ڪندو. ملڪ ۾ خوفناڪ زلزلي کانپوءِ واري صورتحال تي ويچارڻ لاءِ پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزير اعظم نواز شريف جي هيٺ هنگامي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ ميجر رضوان اختر، وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين سميت ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي پاران وزير اعظم کي زلزلي سبب ٿيل نقصان ۽ متاثر علائقن ۾ هلندڙ امدادي سرگرمين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اين ڊي ايم اي ٻڌايو ته زلزلي سبب سڄي ملڪ ۾ 200کان وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿيون آهن، جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ نقصان ڪي پي ڪي ۾ ٿيو آهي. اين ڊي ايم اي چيئرمين چيو ته زلزلي سبب سڀ کان وڌيڪ مالاڪنڊ ڊويز متاثر ٿيو آهي، متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن. وزير اعظم نواز شريف اين ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي آهي ته متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون وڌيڪ تيز ڪيون وڃن ۽ متاثرن کي کاڌ خوراڪ سميت گهربل سهولتون فراهم ڪيون وڃن. وزير اعظم چيو ته هن ڏکئي وقت ۾ متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو، وفاقي حڪومت متاثرن کي کاڌ خوراڪ سميت هر شيءِ جي فراهمي يقيني بڻائيندي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته زلزلي متاثر علائقن ۾ سول توڙي ملٽري ادارا گڏجي ڪم ڪندا، جڏهن ته وزير اعظم نواز شريف متاثر علائقن جو دورو پڻ ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *