سياسي چيلينجز سبب ايڪشن پلان تي مڪمل عمل ۾ وقت لڳندو: جنرل عاصم باجوا

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل عاصم باجوا چيو آهي ته قومي ايڪشن پلان دهشتگردن جي مالي معاونت روڪڻ ۾ اهم ثابت ٿيو آهي، سياسي چيلينجز سبب ايڪشن پلان تي مڪمل عمل ۾ وقت لڳندو. روسي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل عاصم باجوا چيو ته پاڪستاني وفد جو روس وارو دورو انتهائي مثبت رهيو. هن چيو ته پاڪستان، روس سان عسڪري سامان جي خريداري کي حتمي شڪل ڏيڻ چاهي ٿو، روسي قيادتسان اهم معاملن تي ڳالهيون ٿيون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ مصروف آهي، ڪيترن ئي جوانن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ شهادت ماڻي آهي. ميجر جنرل عاصم باجوا چيو ته دهشتگردي خلاف قومي ايڪشن پلان دهشتگردن جي مالي معاونت روڪڻ ۾ انتهائي اهم رهيو آهي پر سياسي چيلينجز سبب ايڪشن پلان تي مڪمل عمل ۾ وقت لڳندو. هن چيو ته قومي ايڪشن پلان جي سڀ کان وڏي ڪاميابي قبائي علائقن ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروايون آهن، اتي دهشتگردن جي مالي معاونت مڪمل طور روڪي وئي آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته صفورا  بس سانحي تي حملي ۾ هڪ پڙهيل لکيل نوجوان ملوث هو، جنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *