سياسي پارٽين ۾ تڪرارن سبب عوام جا مسئلا حل ناهن ٿيندا: سراج الحق

اسلام آباد (بيورو) سياسي جرڳي جڊيشل ڪميشن جي قيام لاءِ نيون تجويزون تيار ڪري ورتيون آهن، اڳواڻن چيو آهي ته جڊيشل ڪميشن قائم نه ٿيڻ سبب جمهوريت ۽ سياست جي گاڏي ساڳي هنڌ بيٺل آهن، سياسي جرڳو مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. اسلام آباد ۾ رحمان ملڪ جي رهائشگاهه تي سياسي جرڳي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾  جماعت اسلامي جي امير سراج الحق،حاصل بزنجي ۽ جي جي جمال شرڪت ڪئي. اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته سياسي پارٽين ۾ تڪرارن سبب عوام جا مسئلا حل ناهن ٿيندا، عوام جي خواهش هوندي آهي ته سڀ پارٽيون گڏجي مسئلا حل ڪن. هن چيو ته عام چونڊن ۾ ڌانڌلي واري معاملي تي پـِي ٽـِي آءِ جي جڊيشل ڪميشن جي قيام وارو معاملو انتهائي اهم آهي، ن ليگ واعدي باوجود عدالتي ڪميشن قائم ناهي ڪئي. سراج الحق چيو ته سياسي جرڳو ٻنهي پارٽين ۾ معامل حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جڊيشل ڪميشن قائم نه ٿيڻ ڪري جمهوريت ۽ سياسي پارٽي جي گاڏي اتي بيٺل آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جڊيشل ڪميشن ۾ آءِ ايس آءِ ۽ ايم اي جي نمائندن کي شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهي آهي پر اهي ادارا به پاڪستان جا آهن، ادارن جو ڪم ڄاڻ فراهم ڪري ڏيڻ آهي، وڌيڪ فيصلو عدالت ئي ڪندي. ان موقعي تي ڳالهائيندي رحمان ملڪ چيو ته سياسي جرڳي نيون سفارشون تيار ڪري ورتيون آهن، جيڪي حڪومت، پي ٽي آءِ ۽ ٻين سياسي پارٽين ڏانهن به موڪليون وينديون. رحمان ملڪ چيو ته اسحاق ڊار سان جڊيشل ڪميشن جي قيام بابت ڳالهايو آهي  ۽ کيس چيوآهي ته عدالتي ڪميشن جو طريقيڪار فائنل ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *