سياسي پارٽين ضابطا اخلاق کي مذاق بڻائي ڇڏيو آهي: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد (بيورو) چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا چيو آهي ته سياسي پارٽين ضابطا اخلاق کي مذاق بڻائي ڇڏيوآهي، ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا منڊي بهاءُ الدين تي قومي اسيمبلي جي تڪ هڪ سئو اٺ تي ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران اڳوڻي صوبائي وزير وحيده حميد، چيف سيڪريٽري پنجاب ۽ ايم ڊي سئي گئس ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي تي الڪيشن ڪمشنر کان معذرت ڪئي. چيف اليڪشن ڪمشنر رٽائرڊ سردار رضا ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي عملدارن کي ڇنڊ پٽي. جسٽس رٽائرڊ سردار رضا چيو ته سياسي پارٽين ضابطا اخلاق کي مذاق بڻائي ڇڏيوآهي، جيڪڏهن اهو سلسلو بند نه ٿيو ته سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *