سياسي پارٽين جي ٽڪراءَ جي صورت ۾ نظام کي خطرو ٿي سگهي ٿو:سراج الحق

مردان (م ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته سياسي پارٽين جي ٽڪراءَ جي صورت ۾ نظام کي خطرو ٿي سگهي ٿو. مردان ۾ گڏجاڻي کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته جلسو ڪرڻ هر شهري جو حق آهي، سياسي پارٽين ۾ مفاهمت جون ڪوششون جاري رهنديون. هن چيو ته جلسن سان سياسي شعور ۾ اضافو ٿيندو آهي پر هن وقت قانون جي حڪمراني جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته هو 21 نومبر تي لاهور ۾ تحريڪ جي شروعات ڪري رهيا آهن. سراج الحق چيو ته پنهنجي علائقن ۾ واپس اچڻ آءِ ڊي پيز جو حق آهي. هن چيو ته گهرو وزير جي ترديد بعد کين يقين آهي ته پاڪستان ۾ دائش جو ڪو به وجود ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *