سياسي پارٽين جا ڪجهه ماڻهو فقط ذاتي مفادن جي بنياد تي پارٽي کي ڇڏي وڃن ٿا: پ پ سينيٽر عاجز ڌامراهه ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر عاجز ڌامراهه چيو آهي ته سياسي پارٽين جا ڪجهه ماڻهو فقط ذاتي مفادن جي بنيادن تي پارٽي کي ڇڏين ٿا جڏهن ته ڪجهه ماڻهو اهڙا به هوندا آهن جيڪي نظرياتي اختلافن سبب سياسي پارٽي سان غير وابسطه ٿي وڃن ٿا جيڪي ماڻهو ذاتي مفادن لاءِ يا ڪنهن جي اشاري تي سياسي پارٽي کان پنهنجو تعلق ختم ڪن ٿا ان جي پوءِ ڪا به تاريخ ناهي رهندي ۽ تاريخ جي صفن ۾ انهن جو ڪو به نالو ۽ نشان به ناهي رهندو. پاڪستان /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 41 پيپلز پارٽي وفاق جي علمبردار سياسي پارٽي آهي جنهن مان ڪجهه ماڻهن جي وڃڻ سان پارٽي تي ڪو به فرق نه ٿو پوي. اهڙي قسم جا اختلاف ماضي ۾ به آڏو ايندا رهيا آهن ۽ ماضي ۾ هڪ دفعو ڪجهه انڪل شهيد ڀٽو بينظير بابت چيو هو ته پرڏيهي درسگاهه مان تعليم حاصل ڪندڙ هڪ ڇوڪري پارٽي جي قيادت سنڀالي نه ٿي سگهي پر وقت انهن سمورن انڪلز جي دعوائن کي ثابت ڪيو ۽ اڄ ڪو به انهن انڪلز کي نه ٿو سڃاڻي. سينيٽر عاجز ڌامراهه اهڙن خيالن جو اظهار هڪ پرهجوم پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. جيڪا سومر ڏينهن پيپلز ميڊيا سيل ۾ ڪوٺائي وئي هئي. ان موقعي تي فدا حسين ڍڪڻ، ذوالفقار قائمخاني، فيصل مينڌرو، رياض بلوچ، نعيم آفريدي، نويد صديقي، وسيم جسڪاڻي، شهزاد گل، خالد خان ۽ پيپلز يوٿ آرگنائيزيشن جا عهديدار به موجود هئا. سينيٽر عاجز ڌامراهه سوال ڪيو ته اها ڪٿان جي اصول پسندي آهي جو جيستائين ڪوئي شخص مراعتن جا مزا ماڻيندو رهيو تيستائين ان کي پارٽي ۾ سڀ سٺو نظر اچي ۽ پوءِ ڪنهن جي اشاري تي ان کي پارٽي ۾ پارٽي جي قيادت ۾ خرابيون نظر اچڻ لڳن. هن چيو ته مخالفت جا ڪيترائي اصول ٿيندا آهن پر هڪ شخص جهڙي طرح بازاري ٻولي ڳالهائي  رهيو آهي اهو سڀني جي آڏو آهي. سينيٽر عاجز ڌامراهه چيو ته گذريل ڏينهن بدين ۾ جهڙي طرح غنڊا گردي ڪئي وئي اها غنڊا گڙدي ميڊيا ڏيکاري سياسي يتيمن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ سان پيپلز پارٽي جو ڪو به ڪجهه نه ٿو بگاڙي سگهي ۽ جيڪي ماڻهو سياسي يتيمن کي گڏ کڻي پيپلزپ ارٽي کي ختم ڪرڻ جا خواب ڏسي رهيا آهن اهي صرف احمقن جي جنت ۾ رهن ٿا. هن چيو ته جهڙي طرح ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پنهنجي سڃاڻپ گرفتاري کان اڳ ۽ ذاتي سيڪيورٽي لاءِ هاءِ ڪورٽ جو دروازو کڙڪايو اهڙي طرح هو ايف آءِ آر داخل نه ٿيڻ تي به عدالت سان رجوع ڪري سگهي پيو پر هن هٿياربندن ٽولن سان گڏجي ٿاڻي تي ڪاهه ڪئي. هن چيو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي ڪول ۽ فعل ۾ هڪ نه پر مڪمل تضاد آهي. هڪ پاسي هو چوي ٿو ته ان جو جهيڙو صرف آصف علي زرداري سان آهي ۽ بلاول ڀٽو زرداري ان جو ليڊر آهي پر ٻئي پاسي بدين جي رستن تي بلاول ڀٽو زرداري، شهيد بينظير ڀٽو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جون تصويرون ساڙيون ويون جنهن تي ان جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي هڪ پرامن سياسي پارٽي آهي ۽ ڪارڪنن کي پرامن رهڻ جي سختي سان هدايت ڪئي آهي جڏهن ته پيپلز يوٿ آرگنائيزيشن پاران اڄ شام چار وڳي پيپلز سيڪريٽريٽ کان ڪراچي پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي ۽ ٻين سمورن ضلعن ۾ به احتجاجي ريليون ڪڍيون وينديون. 

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر عاجز ڌامراهه چيو آهي ته سياسي پارٽين جا ڪجهه ماڻهو فقط ذاتي مفادن جي بنيادن تي پارٽي کي ڇڏين ٿا جڏهن ته ڪجهه ماڻهو اهڙا به هوندا آهن جيڪي نظرياتي اختلافن سبب سياسي پارٽي سان غير وابسطه ٿي وڃن ٿا جيڪي ماڻهو ذاتي مفادن لاءِ يا ڪنهن جي اشاري تي سياسي پارٽي کان پنهنجو تعلق ختم ڪن ٿا ان جي پوءِ ڪا به تاريخ ناهي رهندي ۽ تاريخ جي صفن ۾ انهن جو ڪو به نالو ۽ نشان به ناهي رهندو. پاڪستان  پيپلز پارٽي وفاق جي علمبردار سياسي پارٽي آهي جنهن مان ڪجهه ماڻهن جي وڃڻ سان پارٽي تي ڪو به فرق نه ٿو پوي. اهڙي قسم جا اختلاف ماضي ۾ به آڏو ايندا رهيا آهن ۽ ماضي ۾ هڪ دفعو ڪجهه انڪل شهيد ڀٽو بينظير بابت چيو هو ته پرڏيهي درسگاهه مان تعليم حاصل ڪندڙ هڪ ڇوڪري پارٽي جي قيادت سنڀالي نه ٿي سگهي پر وقت انهن سمورن انڪلز جي دعوائن کي ثابت ڪيو ۽ اڄ ڪو به انهن انڪلز کي نه ٿو سڃاڻي. سينيٽر عاجز ڌامراهه اهڙن خيالن جو اظهار هڪ پرهجوم پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. جيڪا سومر ڏينهن پيپلز ميڊيا سيل ۾ ڪوٺائي وئي هئي. ان موقعي تي فدا حسين ڍڪڻ، ذوالفقار قائمخاني، فيصل مينڌرو، رياض بلوچ، نعيم آفريدي، نويد صديقي، وسيم جسڪاڻي، شهزاد گل، خالد خان ۽ پيپلز يوٿ آرگنائيزيشن جا عهديدار به موجود هئا. سينيٽر عاجز ڌامراهه سوال ڪيو ته اها ڪٿان جي اصول پسندي آهي جو جيستائين ڪوئي شخص مراعتن جا مزا ماڻيندو رهيو تيستائين ان کي پارٽي ۾ سڀ سٺو نظر اچي ۽ پوءِ ڪنهن جي اشاري تي ان کي پارٽي ۾ پارٽي جي قيادت ۾ خرابيون نظر اچڻ لڳن. هن چيو ته مخالفت جا ڪيترائي اصول ٿيندا آهن پر هڪ شخص جهڙي طرح بازاري ٻولي ڳالهائي  رهيو آهي اهو سڀني جي آڏو آهي. سينيٽر عاجز ڌامراهه چيو ته گذريل ڏينهن بدين ۾ جهڙي طرح غنڊا گردي ڪئي وئي اها غنڊا گڙدي ميڊيا ڏيکاري سياسي يتيمن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ سان پيپلز پارٽي جو ڪو به ڪجهه نه ٿو بگاڙي سگهي ۽ جيڪي ماڻهو سياسي يتيمن کي گڏ کڻي پيپلزپ ارٽي کي ختم ڪرڻ جا خواب ڏسي رهيا آهن اهي صرف احمقن جي جنت ۾ رهن ٿا. هن چيو ته جهڙي طرح ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پنهنجي سڃاڻپ گرفتاري کان اڳ ۽ ذاتي سيڪيورٽي لاءِ هاءِ ڪورٽ جو دروازو کڙڪايو اهڙي طرح هو ايف آءِ آر داخل نه ٿيڻ تي به عدالت سان رجوع ڪري سگهي پيو پر هن هٿياربندن ٽولن سان گڏجي ٿاڻي تي ڪاهه ڪئي. هن چيو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي ڪول ۽ فعل ۾ هڪ نه پر مڪمل تضاد آهي. هڪ پاسي هو چوي ٿو ته ان جو جهيڙو صرف آصف علي زرداري سان آهي ۽ بلاول ڀٽو زرداري ان جو ليڊر آهي پر ٻئي پاسي بدين جي رستن تي بلاول ڀٽو زرداري، شهيد بينظير ڀٽو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جون تصويرون ساڙيون ويون جنهن تي ان جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي هڪ پرامن سياسي پارٽي آهي ۽ ڪارڪنن کي پرامن رهڻ جي سختي سان هدايت ڪئي آهي جڏهن ته پيپلز يوٿ آرگنائيزيشن پاران اڄ شام چار وڳي پيپلز سيڪريٽريٽ کان ڪراچي پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي ۽ ٻين سمورن ضلعن ۾ به احتجاجي ريليون ڪڍيون وينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *