سياسي مخالفن وٽ ڌانڌلي جو ڪوبه ثبوت ناهي: سعد رفيق

لاهور(بيورو) اين اي 125 ۾ ڌانڌلي بابت ڪيس ۾ خواجه سعد رفيق پيش ٿيو اليڪشن ٽربيونل ان کي جرح کان اڳ چي وته هو الله جو قسم کڻي چوي ته جيڪو چوندو سچ چوندو خواجه سعد رفيق چيو ته هو الله جو قسم نه ٿو کڻي جنهن تي هن کي ٻڌايو ويو ته قسم کڻڻ عدالت جي رولز ۾ شامل آهي اليڪشن ٽربيونل جي حڪم تي خواجه سعد رفيق قسم کڻي /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 24 ورتو، ٻڌڻي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ريلوي واري وزير چيو ته سياسي مخالفن وٽ ڌانڌلي جو ڪوبه ثبوت ناهي هينئر تائين چيڪ ڪيل ووٽن مان هڪ به جعلي ناهي نڪتو خواجه سعد رفيق چيو ته عمران خان کانپوءِ صبر اچڻ گهرجي ان کي 2، 4 جواب اچن ٿا انهن تي ڳالهائي ٿو عمران خان ۽ ان جا ساٿي ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ جا گهوڙا هئا نجم سيٺي جي قسمن سان سڀ کان وڌيڪ نقصان مسلم ليگ ن کي پهتو خواجه سعد رفيق چيو ته عمران خان پنهنجو چورن وڪڻندو رهي ٿو هن اهڙو ڪهڙو ڪارنامو ڪيو جو ان کي ايترا ووٽ ملي ويا؟.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *