سياسي مخالفن طرفان الزام لڳايا ويا جيڪي ثابت ناهن ٿيا: نواز شريف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ( ن ) جي قائد نواز شريف فليگ شپ ريفرنس ۾ احتساب عدالت ۾ بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو آهي ته اثاثه ٺاهيا حسن نواز ۽ جي آءِ ٽي مونکي مالڪ قرار ڏنو. احتساب عدالت اسلام آباد جي جج ارشد ملڪ فليگ شپ ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي.  اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف عدالت جي روبرو پيش ٿيو ۽ جوابدار طور لکت ۾ بيان جمع ڪرائي ڇڏيو. نواز شريف فليگ شپ ريفرنس ۾ 136 سوالن جا جواب ڏئي ڇڏيا ۽ باقي چئن سوالن جا جواب ڪجهه درستگين کانپوءِ سڀاڻي جمع ڪرائيندو. جج ارشد ملڪ فليگ شپ ريفرنس بابت نواز شريف کان پڇاڻو ڪيو ته هن جواب ڏيندي چيو ته ٻار فليٽ خريد ڪندا هئا ۽ ڪمپنيون ٺاهي وڪرو ڪري ڇڏيندا هئا. جج ارشد ملڪ رمارڪس ڏيندي چيو ته حسين نواز ذريعي حسن نواز ڏانهن رقم ويندي هئي، حسين نواز ئي اچي وڃي ها ته مسئلو حل ٿي وڃي ها، يا ٽرائل دوران قطري ئي اچي وڃي ها ته مسئلو حل ٿي وڃي ها. نواز شريف 342 واري بيان ۾ چيو ته سياسي مخالفن طرفان مون خلاف الزام لڳايا ويا، مون تي مڙهيل الزام ثابت ناهي ٿيو پر پوءِ به عدالت کي دستاويز پيش ڪندس، جي آءِ ٽي جي هڪ طرفي رپورٽ کي بنياد بڻائي سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ريفرنس داخل ڪيا ويا، حسن نواز اثاثا ٺاهيا ۽ جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ مونکي غلط مالڪ قرار ڏنو ويو ، واجد ضياءَ ۽ جاچ آفيسر ڪامران کانسواءِ ڪنهن شاهد مون خلاف بيان ناهي ڏنو، ٻئي مونکي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *