سياسي متڀيد کان مٿانهون ٿي ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: ڪور ڪمانڊر ڪراچي جي رينجرز کي هدايت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪور ڪمانڊر ڪراچي رينجرز هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو، جنهن دوران کيس ايم ڪيو ايم جي مرڪز تان هٿ آيل هٿيارن ۽ گرفتار جوابدارن بابت بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته 26 جوابدارن مٿان اڳواٽ ئي ڪيسز داخل ٿيل آهن. ڪورڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار پاڪستان رينجرز سنڌ جي هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو، جتي کيس بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته نائين زيرو تي ڇاپو ڳجهن ادارن جي رپورٽ جي آڌار تي هنيو ويو. رينجرز پاران نائين زيرو تان گرفتار ڪيل 27 جوابدارن کي به ڪورڪمانڊر آڏو پيش ڪيو ويو ۽ تفصيل ٻڌائيندي چيو ويو ته حراست ۾ ورتلن مان 26 ڄڻن مٿان ايف آءِ آرز اڳواٽ ئي داخل آهن. ان موقعي تي ڪورڪمانڊر کي نائين زيرو ۽ ڀرپاسي مان هٿ ڪيل 5 جي ٿريز، 23 ڪلاشنڪوفز، 2 ايل ايم جيز، 8 ايم ايم جون 4 رائفلز، سيون ايم ايم جون 19 رائيفلز پيش ڪيو ويو. ٽرپل ٽو  بور جون 3 رائفلز، 22 بور جون 25 رائفلز، هڪ ايم فور سنائيپر ۽ 14 ٽي ٽي پسٽل، 4 عدد نائين ايم ايم پسٽل به ڏيکاريا ويا. نائين زيرو تان هٿ آيل 5 ٽيلي اسڪوپ سائيٽ، 36 واڪي ٽاڪيز، 2 بليٽ پروف جئڪٽس ۽ وڏي مقدار ۾ گوليون ۽ ڪارتوس به ڪورڪمانڊر کي ڏيکاريا ويا. ڪورڪمانڊر ڪراچي رينجرز جي ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو ته سياسي متڀيد کان مٿانهون ٿي ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ڪنهن سان به رعايت نه ڪئي وڃي. ڊائريڪٽر جنرل سنڌ رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار کي يقين ڏاريو آهي ته نائن زيرو آپريشن جي جاچ تي ڪوبه اثرانداز نه ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *