سياسي قيادت سرجيڪل اسٽرائيڪ جي دعويٰ رد رڪري ڇڏي، ڀارتي جارحيت خطي جي امن لاءِ خطرو قرار

اسلام آباد( م.ڊ) پارلياماني پارٽين جي سربراهي اجلاس ۾ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ بلوچستان ۾ هندستاني مداخلت جي مذمت ڪندي ڀارتي جارحيت کي خطي جي امن لاءِ خطرو قرار ڏنو ويو. عالمي برادي کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته ڪشمير بابت گڏيل قومن جي ٺهرائن تي عملدرآمد ڪرايو وڃي. اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ پاڪ ڀارت ڇڪتان ۽ ڪشمير جي صورتحال تي پارلياماني پارٽين جو سربراهي اجلاس ٿي گذريو. اجلاس ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن، بلوچستان ۾ ڀارتي مداخلت، ڪلڀوشن ياديو جي سرگرمين جي مذمت ڪئي وئي. اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڀارتي فوج ۾ شهيد پاڪ فوج جي جوانن لاءِ دعا ڪرائي وئي. پڌرائي موجب ڪشمير مسئلي تي عوام، سياسي پارٽيون ۽ فوج متحد آهن. ڀارتي جارحيت خطي ۾ امن لاءِ خطرو آهي. ڪشمير بابت گڏيل قومن جي ٺهرائن تي عملدرآمد ڪرايو وڃي. ڀارت خلاف سرگرم فوج کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. اجلاس ۾ چيو ويو ته بلوچستان پاڪستان جو وفاقي ايڪو آهي، ڪلڀوشن ياديو جون سرگرميون مذمت جوڳيون آهن. بلوچستان ۾ ڀارتي مداخلت جي مذمت ڪجي ٿي. سياسي پارٽين جي سربراهي اجلاس جي پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڀارت پاڻ ڪشمير مسئلو گڏيل قومن ۾ کڻي ويو، هاڻي ان کي اڻٽُٽ حصو قرار ڏئي رهيو آهي، ڪشمير ڀارت جو اڻٽٽ انگ هجڻ واري دعويٰ کي رد ڪريون ٿا ۽ پاڪستان ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي مدد جاري رکندو. اجلاس ۾ چيو ويو ته ڀارت ڪشميرين ۾ ڪجهھ ڏينهن دوران 110 ڄڻا شهيد ڪري ڇڏيا آهن. 8 ڏينهن ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ 7 سئو کان وڌيڪ ڪشميري اکين جي نور کان محروم ٿي ويا. پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سارڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت کان انڪار واري ڀارتي عمل جي مذمت ڪريون ٿا، پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ وارو ڀارتي عمل به مذمت جوڳو آهي. گڏيل پڌرائي موجب سرجيڪل اسٽيرائيڪ جي ڀارتي دعويٰ نسورو ڪوڙ آهي. ڪشميرين جي تحريڪ تعريف جوڳي آهي ۽ اجلاس ان تحريڪ جي حمايت ڪري ٿو. ڀارت ڪشمير مسئلي تان ڌيان هٽائڻ لاءِ دهشتگردي ڪري رهيو آهي. اجلاس جي پڌرائي موجب پرڏيهي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي اتحاد برقرار رکيو ويندو، هر قسم جي اڳرائي کي منهن ڏيڻ لاءِ قوم متحد آهي. ان کان اڳ اجلاس ۾ خطاب ڪندي وزير اعظم نواز شريف جو چوڻ هو ته وقت اچي ويو آهي ته سڄي دنيا جا ملڪ ڪشمير جي مسئلي کي نبيرڻ لاءِ پنهنجو ڪرادا ادا ڪن . وڌيڪ چيو ته ڪشمير معاملي تي پوري قوم جو متحد ٿيڻ سٺو سنئوڻ آهي. اڄ جي گڏجاڻي کان ملڪي سياسي قيادت پاران واضح پيغام ڏنو ويندو، هن چيو ته برهان مظفر واني جي شهادت کانپوءِ ڪشمير مسئلو بين الاقوامي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آهي.37

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *