سياسي عدم استحڪام ملڪ ۽ قوم کي وڏو نقصان پهچايو آهي:احسن اقبال

اسلام آباد (بيورو) رٿابندي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته سياسي عدم استحڪام ۽ ناقص اقتصادي پاليسين پاڪستان کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي، اسان سياسي ۽ اقتصادي مسئلن ۾ ورتل آهيون ۽ ان حوالي سان اسان کي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، اهڙن خيالن  جو اظهار هن گذريل ڏينهن اسلام آباد جي خانگي هوٽل ۾ هڪ تقريب دوران ڪيو، هن چيو ته دنيا نئين تبديلن مان گذري رهي آهي، اسان کي انهن موقعن مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي، اقتصادي ترقي لاءِ چين، پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبو هڪ پيڙهه جو پٿر آهي، هن ٻڌايو ته سياسي عدم استحڪام ملڪ ۽ قوم کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي، هاڻي ملڪ  سياسي عدم استحڪام برداشت نه ڪري سگهندو، سندس چوڻ هو ته اقتصادي پاليسي ماضي ۾ سٺي نه هئي، جنهن ڪري ملڪ ۾ واپار ۽ اقتصاديات ترقي ناهي ڪئي، احسن اقبال چيو ته ميان نواز شريف اقتدار سنڀاليندي ئي اقتصادي ترقي لاءِ اهم قدم کنيا ، جنهن ڪري ملڪ کي ترقي جي رستي تي روان ڪيو ويو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *