سياسي جماعتن جي ڪمزورين جو انعام عمران آهي، حڪومت وڃڻ واري آهي: آصف زرداري

اسلام آباد(م.ڊ) اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته سياسي جماعتن جي ڪمزورين جو انعام عمران خان آهي. پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آصف زرداري چيو ته عمران خان جي حڪومت وڃي رهي آهي، جنهن ۾ چار کان پنج مهينا لڳندا، صحافي سوال ڪيو ته جيڪڏهن هي حڪومت وڃي رهي آهي ته پوءِ ڪير ايندو؟ جواب ۾ آصف زرداري چيو ته عمران خان جي حڪومت بٽڻ دٻائڻ سان نه، جدوجهد سان ويندي ۽ اپوزيشن جدوجهد ڪري رهي آهي. اسان جي جدوجهد سان عمران خان جي حڪومت نومبر کان اڳ هلي ويندي. آصف زرداري چيو ته مستقبل بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز جو آهي ۽ هاڻي اسان انهن کي گائيڊ لائين ڏينداسين، مريم نواز اسان جي نياڻين جهڙي آهي، کيس مشورو ڏيندا رهنداسين. اڳوڻي صدر آصف زرداري راجا ظفر الحق بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته سينيٽ ۾ اڪثريت نون ليگ جي آهي، ٿي سگهي ٿو ته نئون چيئرمين انهن جو ئي ٿئي ۽ راجا ظفر الحق بابت مريم نواز کان سوال پڇيو، مونکان نه. اپوزيشن اتحاد جي حوالي سان سوال جو جواب ڏيندي آصف زرداري چيو ته سياست ۾ اسان کان غلطيون به ٿيون آهن، ڪوشش هوندي ته اڳتي غلطيون نه ٿين. اپوزيشن جماعتون اڳتي هوشيار رهنديون،ڇو ته اسان جي ڪمزورين جو انعام ئي عمران خان آهي. آصف زرداري چيو ته شروع کان چوان پيو ته نوازشريف جي طبيعت خراب آهي، نوازشريف کي گهٽ ۾ گهٽ گهر ۾ نظربند ڪيو وڃي. آصف زرداري چيو ته پروڊڪشن آرڊرز جاري نه ڪرڻ پارلياماني روايتن جي خلاف آهي، اهي جيترو پارليامينٽ کي ڪمزور ڪندا، پاڻ ڀوڳيندا، اڄ ٿي سگهي ٿو ته منهنجا آخري پروڊڪشن آرڊر هجن. پر 2020 پاڪستان جي بهتري جو سال هوندو. اڳوڻي صدر چيو ته حڪومت آءِ ايم ايف، ورلڊ بينڪ ۽ ايشيئن بينڪ کان قرض وٺي رهي آهي. اهي اهڙا ادارا آهن، جيڪي سفارتخانه ضبط ۽ ايئر لائين روڪي ڇڏيندا، ناڻي وارو صلاحڪار ٽيڪنوڪريٽ آهي، اهو اهي ڳالهيون نه ٿو سمجهي. آصف زرداري چيو ته ملڪ ۾ سويلين مارشل لا آهي، آل پارٽيز حڪومت ٺهندي يا اليڪشن ٿيندي، اهو وقت ٻڌائيندو، هڪ سوال جي جواب ۾ آصف زرداري چيو ته ڪجهه خاص ماڻهو آهن، جيڪي ڊراءِ ڪلين نه ٿا ٿين، پر ڊراءِ ڪلين باوجود جن ۾ مير رهجي وڃي ٿو، اهي پڪڙيا پيا وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *