سياست شجره ممنوعه نه آهي، وقت اچڻ تي سياست ۾ اچڻ جو فيصلو ڪندس: افتخار چوڌري

گجرات (م.ڊ) اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري چيو آهي ته سياست شجره ممنوعه نه آهي وقت اچڻ تي سياست ۾ اچڻ جو فصيلو ڪيو ويندو گجرات ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوني چيف جسٽس چيو ته عمران خان پاران چونڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام بي بنياد آهن 2013 جي چونڊن ۾ چونڊون مان نه ڪرايون ۽ چيف جسٽس جو رٽرننگ آفيسر سان ڪوئي تعلق ناهي هوندو جڏهن ته عمران خان جي خلاف ڪيس جلد فائل ڪندس هن چيو ته ملڪ جي تاريخ ۾ جڊيشل پاليسي اسان ٺاهي ته جيئن عوام کي تڪڙو انصاف ملي جڏهن ته حڪومت کي گهرجي ته عدل انصاف جون سموريون گهرجون پوريون ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *